اڄڪلهه جو وڌندڙ مسئلو ڳورهاري عورتن لاءِ به خطرناڪ قرار

موسمياتي تبديلين جي ڪري دنيا ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچي رهيون آهن ۽ هاڻي ان جو صحت تي هڪ حيران ڪندڙ اثر به سامهون آيو آهي.

آسٽريليا جي ڪرٽين يونيورسٽي جي تحقيق مان خبر پئي آهي ته هوائي گدلاڻ ۽ گرمي پد جي واڌ سان حمل جي مدي ۾ تبديلي جو خطرو وڌي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو آهي جڏهن موسمياتي تبديلين سان ڳورهاري عورتن کي هڪ نئين ۽ حيرت جوڳي خطري جو انڪشاف ٿيو آهي. تحقيق دوران اولهه آسٽريليا ۾ چار لک ٻارن جي پيدائش بابت ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو.

نتيجن مان ظاهر ٿيو ته جڏهن هوائي گدلاڻ وڌي ٿي ۽ گرمي جو درجو بلند ٿئي ٿو، ته ڳورهاري عورتن ۾ ايڪيتاليهه هفتن کانپوءِ پيدائش جو امڪان وڌي ويندو آهي. عام طور تي، حمل 9 مهينن (40 هفتن) ۾ مڪمل ٿئي ٿو، پر موسمياتي تبديلين سبب ان مدي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اڳ موسمياتي تبديلين کي قتل کان اڳ ٿيندڙ پيدائش سان جوڙيو ويو هو، پر هي پهريون ڀيرو آهي، جڏهن حمل جي مدي ۾ واڌ جي خطري تي روشني وڌي وئي آهي.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پهرين ڀيرو ماءُ بڻجندڙ يا 35 سالن کان مٿي عمر وارين عورتن ۾ اهو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.

هن تحقيق جا نتيجا جرنل "Urban Climate” ۾ ڇپيا آهن.

ان کان اڳ، جون 2024 ۾ "JAMA Network Open” ۾ ڇپيل تحقيق ۾ به چيو ويو هو ته هيٽ ويو ڳورهاري عورتن تي خراب اثر وجهي سگهي ٿي ۽ وقت کان اڳ پيدائش جو امڪان وڌي سگهي ٿو.

ان تحقيق ۾ 1993 کان 2017 تائين آمريڪا ۾ 5 ڪروڙ 30 لک حامله عورتن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو. نتيجن موجب، جيڪڏهن هيٽ ويو چئن ڏينهن تائين برقرار رهي ته وقت کان اڳ پيدائش جو خطرو 1 کان 2 سيڪڙو وڌي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ تحقيق ٻڌائي ٿي ته گرمي پد ۾ هر 1 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو، قبل از وقت پيدائش جو امڪان 1 سيڪڙو وڌائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.