نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر لکنئو ۾ هڪ شادي ۾ چيتي جي اوچتي انٽري ڄاڃين کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر لکنئو ۾ شادي تقريب دوران اوچتو شينهن گهڙي آيو ته ڄاڃين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ماڻهن ۾ دهشت پکڙجي وئي ۽ اهي کاڌو ڇڏي ڀڄڻ لڳا.
ماڻهو خوف وچان شادي هال مان روڊ تي نڪري آيا، هڪ شخص ته خوف ۾ ڇت تان ٽپو ڏئي ڇڏيو، جيڪو سخت زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي ٻيلي کاتي جي ٽيم پهچي وڏي جدوجهد کانپوءِ چيتي کي پڪڙي ورتو.
You might also like