صحافي جبار ڪابوري جي صبر، همت ۽ قانوني دڳ وٺڻ تي سلام آ

هونئن ته سنڌ ۾ ٻارن سان بدفعلي جا واقعا وقت به وقت ٿيندا رهيا آهن پر انهن واقعن جو جنهن سنجيدگي سان نوٽيس وٺي انهن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين ۽ بدڪارن کي گرفتار ڪرائي سزا ڏيارڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي سو ناهي ڪيو ويندو يا نه ٿي سگهندو آهي پر جس ۽ همت آهي روزاني عوامي آواز جي ڪوٽڙي جي بهادر رپورٽر جبار ڪابوري کي جنهن پنهنجي پٽ سان ٿيل ان خراب واقعي کي آئيني ۽ قانوني ٽوڙ تائين پهچائڻ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي کين سزا ڏيارڻ جو چيلينج هٿ ۾ کنيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوٽڙي جي سينيئر صحافي جبار ڪابوري جي ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پٽ سان بدفعلي ڪئي وئي هئي. جبار ڪابوري جي ذاتي ڪوششن جو نتيجو اهو آهي جو ٻه ڏوهاري گرفتار ٿي چڪا آهن جڏهن ته ٽيون بدڪردار اڃان سوگهو نه ٿي سگهيو آهي.

هوڏانهن ٽيون ڏينهن سردار قلندر بخش ڪابورو جي صدارت هيٺ ڪوٽڙي سائيٽ ۾ رهندڙ ڪابورا برادري جي معززن جو ڪٺ جبار ڪابوري جي رهائش گاهه تي ٿيو، جتي واقعي ۽ ان کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ جبار ڪابوري کي هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو ويو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ وري حيدرآباد جا سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، خالد کوکر، اقبال ملاح، جئه پرڪاش موراڻي، فريد لاکي، ڌڻي بخش باريجي پڻ ڪوٽڙي وڃي صحافي جبار ڪابوري سان صحافتي برادري وارو پير کنيو ۽ معاملي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي ايڇ يو جي طرفان کيس هر ممڪن ساٿ جي خاطري ڪرائي وئي. سينيئر صحافين جبار ڪابوري جي همت کي ساراهيندي چيو ته هن صبر سان ڪم وٺندي درست نموني قانون جو دڳ ورتو آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي صحافي ڀاءُ سان هر موڙ تي گڏ بيهنداسين ۽ جوابدارن کي قانوني سزا ملڻ تائين ڪيس جي پوئيواري ڪنداسين. ايئن عوامي آواز جي سٿ طرفان به اسان پنهنجي هن بهادر ۽ ذهين رپورٽر جبار ڪابوري سان ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريون ٿا ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرائي گهربل سزا ڏيارڻ وارين سندس ڪوششن ۾ قدم به قدم ملائڻ جو وچن ڪريون ٿا.

جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته عام طور تي اهڙن ڪيسن ۾ متاثر ڌر انصاف نه ملڻ واري نااميدي سبب چپ ڪري گهر ويهي رهندي آهي جنهن سبب ڏوهارين کي اهڙي قسم جا ڏوهه ۽ بدڪاريون ڦٻي وينديون آهن پر اسان جو هي صحافي هڪ نئين روايت، اميد ۽ اتساهه پيدا ڪرڻ جي رستي تي گامزن آهي ۽ اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته خاموش رهي ڪري اهڙن ڏوهن ۽ ڏوهارين جي اڻ سڌي طرح همت افزائي نه ڪرڻ گهرجي پر هر قيمت تي قانون جو دڳ وٺي قانوني طريقي سان ڏوهارين جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. اها واقعي به حقيقت آهي ته عام طور تي ماڻهو اهو سمجهي ڪري پاسيرو ٿي ويندا آهن ته هتي ٿيندو اونئن ئي ڪجهه نه سو ڏوهارين سان منهن مقابل ٿيڻ بدران پنهنجي جان ۽ عزت بچائڻ کي اوليت ڏجي پر جبار ڪابوري جهڙن ڪجهه باشعور ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته نه ڏوهن جي روڪٿام لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم لازمي طور ڪرڻ گهرجي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڏوهي وارداتن جي پوليس ٿاڻن تي ايف آءِ آر جي صورت ۾ رپورٽ ضرور درج ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ان حد جي ٿاڻي کي خبر پوي ته سندن علائقي ۾ ڏوهه جي ڪا واردات ٿي آهي.

اسان وٽ اڪثر ماڻهو ايف آءِ آر به داخل ناهن ڪرائيندا. جيڪڏهن ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا آهن ته ان جي پوئيواري ناهن ڪندا. ڪن ماڻهن جو اهو به خيال هوندو آهي ته اسان جو ڪم ڏوهي وارداتن جي فرياد قانوني طور داخل ڪرائڻ آهي باقي ڪم پوليس ۽ عدالت جو آهي. اسان ڇو پاڻ کي ڏوهارين جي آڏو رکون يا انهن جي هٽ لسٽ تي هجون. اهو ڪم پوليس ۽ عدالت جو آهي ته قانوني طور داخل ڪرايل ايف آءِ آر جي پوئيواري ڪن. اها به ڪنهن حد تائين درست ڳالهه آهي پر ان الميئي تي ڇا چئجي جو اسان جو قانون ئي اهڙو آهي جيڪو گهڻي ڀاڱي ڏوهارين جي فائدي ۾ وڃي ٿو مثال طور ڏوهاري يا شڪي جوابدار پيسا ڏئي ڪري ضمانت تي آزاد ٿي ويندا آهن ايستائين جو قاتل به پيسا ڏئي ضمانت تي آزادي ماڻي وٺندا آهن. تنهن ڪري هاڻي پيشه ور ڏوهاري ۽ قاتل به ان اطميمنان ۽ پڪ سان ڏوهه ڪندا آهن ته پيسا ڏئي ضمانت تي آزاد ٿي وينداسين سو گهٽ ۾ گهٽ پيسن جي عيوض ته ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري قانون تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. ٻيو ته ٿاڻن جي چڪرن ۽ عدالتن جي پيشين کان به عام ماڻهو لهرائيندو آهي. قانوني عمل ئي ايڏو پيچيده هوندو آهي جو عام ماڻهو توبهه تائب ڪري پاسيرو ٿي ويهي رهندو آهي.

پر اسان جو صحافي جبار ڪابورو ائين نه ٿو سوچي. هن جو خيال آهي ته ڏوهارين، بدڪردارن ۽ قاتلن کي ڪنهن ريت به سڌي يا اڻ سڌي نموني بخش ٿيڻ نه ڏجي پر کين هر قيمت تي پنهنجي انجام تي رسائجي. ان ڪوشش ۾ جبار ڪابورو ٽن جوابدارن مان ٻن کي سوگهو ڪرائي چُڪو آهي. اها به سرهائي جي ڳالهه آهي ته هن ڪيس ۾ پوليس جو به مثبت ڪردار ڄاڻايو پيو وڃي. خود پوليس اهلڪار هن ڪيس ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پڻ وچن ڪيو آهي ته جوابدارن کي سزا ڏياري مثال قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته رهيل جوابدار صالم جانوري کي به ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

سو جيڪڏهن واقعي به هن ڪيس ۾ سڀ ڏوهاري گرفتار ٿين ٿا ۽ پنهنجي انجام تي رسن ٿا ته نه رڳو جبار ڪابوري ۽ سندس پٽ سان انصاف ٿيندو پر اهو اتساهه حوصلو ۽ اميد به پيدا ٿيندي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي انهن کي سزا ڏياري سگهجي ٿي بس ان لاءِ جبار ڪابوري جهڙي همت ۽ بهادري مان اتساهه وٺڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.