باني تحريڪ انصاف عمران خان پنهنجي سياسي حڪمت عملي تبديل ڪندي اسٽيبلشمينٽ يعني فوجي قيادت ڏانهن خطن لکڻ جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جا اڳواڻ چون ٿا ته عمران خان بطور اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت ۾ آرمي چيف حافظ جنرل سيد عاصم منير کي خط لکڻ جو مقصد پنهنجن پاليسن کي تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پر ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن عمران خان پاران لکيل خطن جي ڪابه تصديق نه ڪئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته آرمي چيف کي اهڙي ڪنهن به قسم جو خط موصول نه ٿيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ته ايترو به واضح ڪيو آهي ته اهڙن خطن ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي. عمران خان ڏاڍو ارڏو ۽ جذباتي آهي. جيڪي هاڻي آرمي چيف کي خط لکي عوام ۽ فوج ۾ پيدا ٿيل رنجش کي ختم ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪري رهيو آهي ڪاش شروعات کان اهڙين مصلحتن کان ڪم ورتو وڃي ها ته اڄ ملڪ جو معاشي ۽ سياسي منظر نامون ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪافي تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ها.
عمران خان آرمي چيف کي خط ۾ جيلن ۾ ساڻس ٿيندڙ سلوڪ جو به گهڻو ذڪر ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ پاران سندس خطن تي ڪوبه تبصرو عوام آڏو نه آيو آهي. جڏهن ته فوجي قيادت اهڙن لفظن جي ترديد ڪري رهي آهي ته پوءِ اهي خط ويا ڪيڏانهن يا ڪٿي باز پکي ته نه جهپڙي ويو؟ عمران خان اڃان هڪ ٻيو يا ٽيون خط به فوجي قيادت کي لکندو. خطن جو آئوٽ پٽ نه اچڻ به ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي يا ائين ته ناهي ته في الحال فوجي قيادت انهن خطن جي جوابن کي پبلڪ لاءِ عام نه پيو ڪيو وڃي؟ عمران خان پاران خطن لکڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن فوجي قيادت ملڪي سياست کان پاڻ کي آجو قرار ڏنو آهي ۽ فوجي قيادت واضح طور چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي باني کي ڪي ڳالهيون سياست بابت ڪرڻيون آهن ته اهي سياسي پارٽين يا حڪومت سان ڪيون وڃن. فوج کي هروڀرو سياست ۾ ڇو ٿو گهليو وڃي؟
پر تحريڪ انصاف جو خيال آهي ته سياسي جماعتن کان هٽي ڪري فوجي قيادت سان ڳالهيون ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف گذريل وقتن ۾ مختلف سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪيون پر اهي بنا نتيجي ختم ٿينديون رهيون آهن ان لاءِ تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته ڳالهيون فوجي قيادت سان ڪيون وڃن ۽ پوءِ جيڪو فيصلو اسٽيبلشمينٽ ڪيو اهو Cemented به هوندو ۽ ڪارگر به هوندو. پوءِ فوجي قيادت باقي سياسي جماعتن ۽ حڪومت کي پنهنجي فيصلي تي عمل به ڪرائي سگهي ٿي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به اپوزيشن ۾ شامل جماعتن فوجي قيادتن آڏو وفاداري جا قسم نامان جمع ڪرايا هئا. اهڙيون دعوائون جنرل پرويز مشرف جي چيف آف اسٽاف رهندڙ جنرل حامد جاويد ۽ طارق عزيز جيڪي سيڪيورٽي جا معاملا سنڀاليندا هئا ڪيون آهن. انهن اهيو به چيو هو ته فوج ڪجهه اپوزيشن پارٽين کي ڪنهن حد تائين حڪومت تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت به نه ڏني هئي. ۽ انهن جا لکيل قسم نامان به فوج وٽ اڄ به موجود آهن. قسم نامن ۾ اهيو ڄاڻايو ويو ته حد کان وڌيڪ ڪوبه سياستدان فوج يا حڪومت خلاف نه ڳالهائيندو. جنرلن اهيو به ٻڌايو هو ته ڪجهه چينلن جا تجزيا نگار صحافي به انهن جي رضامندي سبب پروگرام جوڙيندا هئا. ۽ هڪ حد تائين حڪومت مٿان تنقيد به ڪندا هئا جن کي اجازت مليل هئي.
بحرالحال تازو حڪومت ۽ فوج مٿان دٻاءُ وڌائڻ لاءِ اپوزيشن جماعتن هڪ اتحاد به جوڙي ورتو آهي ان جو سربراهه اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ کي مقرر ڪيو ويو آهي. هي اهو شاهد خاقان عباسي آهي جيڪو ن ليگ طرفان ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي. اپوزيشن جي ان اتحاد ۾ مولانا فضل الرحمٰن به شامل آهي جنهن جو ڪليدي ڪردار آهي. پي پي جو باغي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر به شامل آهي هن اتحاد وزيراعظم شهباز شريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. پر وزيراعظم کان استعفيٰ مطالبي جو منطق ۾ الائجي ڪيترا سوال لڪيل آهن. اڻ سڌيءَ طرح پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ميدان صاف ٿي رهيو آهي ۽ هونءَ به اسٽيبلشمينٽ سياست کان الڳ ٿيندي ن ليگ جو پاسو نه کڻندي ۽ هاڻي ن ليگ حڪومت هڪ بيساکيءَ تي بيٺل آهي. اسٽيبلشمينٽ سياست کان پري هوندي سڀني پارٽين لاءِ ميدان خالي ڇڏي ڏنو آهي. جيڪو ميدان ماريندو اهو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.
بلاول ڀٽو زرداري هن وقت آمريڪا جي ڪجهه حلقن ۾ لابنگ ڪري رهيو آهي. پاڪستان مان صرف بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي صدر جي نيرن واري مانيءَ لاءِ دعوت ڏني ويئي هئي. هونئن به آمريڪي صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان کي دعوت نه ڏني وئي هئي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڪستان مٿان ناراض آهي. حڪومت مخالف پارٽين جي مطالبن کان في الحال وزيراعظم ڪن لاٽار ڪيون ويٺو آهي. وزيراعظم عرب امارتن جي دوري تي نڪتل آهي. ساڻ آرمي چيف به آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي اچڻ سان سعودي عرب پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ بجاءِ آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪري رهيو آهي. بحرالحال جيڪڏهن فوجي قيادت عمران خان جي خطن تي سنجيدگيءَ سان سوچي ٿي ته پوءِ پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ فوج هڪ پيج تي اچي سگهن ٿيون ۽ ن ليگ جي پريشانين ۾ وڏو اضافو اچي سگهي ٿو . آئي ايم ايف جو مشن وفد پاڪستان ۾ آيل آهي ۽ عدالتي نظام بابت حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان ڳالهه کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته شاهد خاقان عباسي اسٽيبلشمينٽ کي راضي ڪري وٺندو. ڇاڪاڻ ته سندس جا واسطا وڙا اسٽيبلشمينٽ سان مضبوط آهن. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ راضي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ 2026 ۾ اليڪشن ٿي سگهي ٿي يا ان هائوس تبديلي اچي سگهي ٿي جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي گڏيل راضپي طور جنهن ۾ مولانا فضل الرحمٰن ۽ شاهد خاقان عباسي جو اهم پر ڪليدي ڪردار هوندو.
بحرالحال مارچ ۾ ملڪ جو سياسي منظر نامون تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آصف زرداري ملڪي توڙي سنڌ صوبي جي ليول تي وڏيون سياسي تبديليون ڪرڻ وڃي رهيو آهي. سندس جو چين جو دورو به ان تبديليءَ جي هڪ ڪڙي سمجهيو وڃي ٿو. صدر آصف زرداري معاشي ماهر به آهي ته سياسي کلاڙي به. هو چاهي ٿو ته سنڌ ۾ ادي فريال ٽالپر کي اهم ذميواري ڏني وڃي ۽ مرڪز ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي. جنهن ۾ هو ڪامياب ڏيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس جون جيڪي به سياسي حڪمت عمليون رهيون آهن اهي ڪامياب رهيون آهن. هو ڄاڻي ٿو ته تحريڪ انصاف جي ملڪ ۾ مقبوليت آهي ان ڪري هن مولانا کي عمران خان کي راضي ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو آهي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ تحريڪ انصاف مولانا، پي پي ۽ ٻيون ن ليگ مخالف پارٽيون گڏجي هڪ وڏو اتحاد جوڙي بلاول کي وزيراعظم طور سامهون آندو وڃي. صدر آصف زرداري هن وقت پرتگال جي دوري تي آهي ۽ سندس جو اهيو دورو ذاتي طور نجي آهي. پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي سبب تعزيت تي ويل آهي. پر سندس دوري جا مقصد ڪجهه ٻيا آهن. پر صدر زرداري فوج کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو يا نه. مارچ ۾ خبر پئجي ويندي.