27 سالن کان وٺي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي جو ڇوڙ نه ڪرڻ سبب سمنڊ ڪاوڙجي تيزي سان اڳتي وڌندو سامونڊي پٽي وارا قديم تاريخي شھر، ڳوٺ، بندرگاھون، تڙ، ماڳ، مڏيون، سرسبز پارڪ زرخيز زمينون ۽ اباڻاقبرستان ڳڙڪائي رھيو آھي. ھن وقت تائين سمنڊ بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي 52 لک ايڪڙن جي لڳ ڀگ زرخيز زمين ڳڙڪائي چڪو آھي. سامونڊي چاڙهه ۽ سمنڊ ۾ سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي داخل نه ٿيڻ ڪري تمرجا ٻيلا تيزي سان ختم ٿي رھيا آھن.
گھڻي وقت کان مقامي توڙي پرديسي پکين سائبيريا جي ٿڌن ملڪن کان خوبصورت خطي ڊيلٽا جورخ ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. پلو مڇي، ساني، آبي جيوت پکين چوپايو مال جو نسل ختم ٿي ويو آھي. جنگلي جيوت دريائي ٻيلا ختم ٿي ويا آھن. ھزارين خاندان لڏ پلاڻ ڪري وڏن شھرن ۽ نامعلوم ھندن ڏانھن منتقل ٿي ويا آھن. کاري جي ناياب نسل جي اٺن کي چارو نه ملڻ سبب تيزي سان اوٺي وڳ جو نسل ختم ٿي رھيو آھي. ڪڏھن پلو، مڇي، ڪيلي ۽ ڳاڙهي چانورن جي خوشحال ديس ڊيلٽا جا ھاڻ بدقسمت رھواسي بک بيروزگاري کان تنگ ٿي جنھگ مان ڪاٺيون وڍي وڪرو ڪري يا نانگ بلائون کيکڙا پڪڙي مشڪل سان گذرسفرڪري رھيا آھن. سامونڊي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ تيزي اچي رھي آھي ڍنڍون ڍورا سڪي ويا آھن. رھيل کهيل آبادي ۽ جانور ڪڪڙ پکي مٺي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رھيا آھن. بک بيروزگاري سبب ماضي جي خوشحال ڊيلٽا واري خطي ۾ ڪيتري وقت کان موت جي شرح ۽ موذي مرضن ۾ اضافو ٿي ويو آھي.
ھوڏانھن وفاق پنھنجي ھوڏ تي قائم رھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان 33 ملين ايڪڙ فوٽ مٺو پاڻي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران ڊيلٽا واري ھنڌ تي ڊيلٽا جو نالونشان مٽائڻ لاءِ نوان بئراج ۽ ڊيم ٺاھڻ جو پلان جوڙي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي اڳ ئي پ پ سرڪار اڏيرو برانج کي پڪو ڪري ھتان جي ھارين آبادگارن جو وڏو زرعي معاشي نقصان ڪري۽ ماحولياتي تباھي آڻي چڏي آھي وري اوچتو نديءَ کي ڊيم ۾ تبديل ڪرڻ جا سانڀاها مڪمل ڪياوياآھن ۽ ڊيلٽا جي منھن تي ڊيلٽا دشمن سنڌ بئراج جي نالي سان منصوبوجوڙي ڊيلٽا جي منھن ۾ ٻن ضلعن جي تاريخي شھرن ڳوٺن جاتي شاھبندر سجاول چوھڙ جمالي گھوڙاباري اداسي شاھپور ڳاڙھو جوھو وڻجارا آباد ڪيٽي بندر کاروڇاڻ ۽ ڊيلٽا کي ماحولياتي تباھي جو نشانو بڻائو ويندو شايد حڪمران اھو چاھين ٿا ته دنياجي ستون نمبر وڏي ڊيلٽا جي سڃاڻپ ۽ ڊيلٽا واسين جو وجود باقي نه رھي سگھي؟
ھوڏانھن سمنڊ ڊيلٽا۽ ماحوليات دشمن منصوبو ڪوسٽل ھاءِ وي ڀنڀورکان ڪجهھ وقت ۾ ڪيٽي بندر تائين پھچڻ سان سرڪار وري سنڌ دشمن منصوبي ذوالفقار آباد رٿاتي ڪم شروع ڪري ڏيندي. ڪوسٽل ھاءِ وي مڪمل ٿيڻ سان کان پوءِ ڊيلٽا ۽ ان جي 17 سامونڊي ڪريڪس جي بربادي جي منصوبي سان گڏ سامونڊي تڙن بندرگاھن شھرن مٿان ڪجهھ وقت ۾ بحري ۽ ھوائي فوج جون ڇانوڻيون ٺاھڻ جا چوٻول ھلي رھياآھن، ڪيتريون چوڪيون ائين قائم آھن. ھتي سرڪار ۾ ويٺل وزيرن مشيرن ۽ ٻاھر ويٺل سرمائيداران جا قبضا ٿي ويندا مقامي مھاڻا ماھگير ماڻھون سمنڊ ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ پريشان ٿي ويندا سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ عرب شڪارين ڌارين سرمائيداران جون ڪئمپون ۽ ڇانوڻيون نظر اينديون. ٻيڙين جا سڙهه کاري نسل جو مال مھاڻا، ھاري پورھيت جت اوٺو مال زبردستي تڙيا ويندا مقامي ماڻھن جون زمينون سرڪاري ڄاڻائي زوري قبضو ڪيون وينديون يا وري ڌارين دلالن سان گڏ مقامي دلال ۽ وڏيرن جي بڇ تي ھزارين ھارين ملاحن کي ڌمڪائي ھيسائي ڀڳڙن مٺ تي سون جھڙيون زمينون خريد ڪري خوب ناڻوڪمائي عيش پيا ڪندا.. لڳي ته ائين ٿو ته چندسالن اندر انڊس ڊيلٽا جا ماڻھون ريڊ انڊين وانگر پنھنجي ئي ديس ۾ بک بيروزگاري سبب دربدربڻجي سماجي اڻبرابري جي ور چاڙھيا ويندا..
تازو وري انڊياجي راجستان کي ويجھو ھجڻ ڪري ڪنھن وقت ھاڪڙو نديءَ تي آباد ٿيندڙ سر سبز چولستان جي ڏهه ھزاراسڪوائرڪلوميٽر خالي پيل برباد واري (ريت) ريگستان واري زمين کي سوين سالن کان پوءِ ٻھيرآباد ڪرڻ ۽ سوالک چولستانين کي رات وچ ۾ خوشحال بڻائڻ لاءِ سنڌوجي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي سنڌو ستلج درياهه مان چولستان ڏانھن ڪئنال ڪڍڻ لاءِ بنان ڪنھن سي سي آءِ اجلاس ڪوٺائڻ ۽ ماحولياتي ڪميٽي جوڙڻ جي زرداري صحيح به ڪري ڇڏي آھي.سرڪار پاران سامونڊي پٽي جي 10 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏني پئي وڃي.رامسر سائيٽ ۾ شامل ماضي جي خوشحال خوبصورت فطرتي حسن رکندڙ ڊيلٽا جي وقت جي حڪمرانن پاران ڪيل ھٿرادو تباھي کي ڏسي ھاڻ وڌيڪ ماٺ ڪري ويھڻ اسان ڊيلٽا واسين جي وس کان ڳالھه چڙھي وئي آھي. اڏيرو برانچ کي پڪو ڪرڻ کان پوءِ وري گھوڙاٻاري انڊو کان ٽڪئيي جي ڳوٽ ڪيٽي بندر تائين 65 ڪلو ميٽر ڪاري نانگ جيان 85 ور وڪڙ رکندڙ خوبصورت نديءَ کي بنان ڪنھن مقامي ماڻھن جي صلاح مشوري مرضي ۽ ماحولياتي ڪميٽي جوڙڻ جي ڊئم ٺاھي سوين خاندانن کي لڏائي معاشي ماحولياتي نقصان ڪري ھزارين ايڪڙ زرخيز زمين ڊيم جي آڙ ۾ قبضوڪرڻ خلاف مقامي زميندارن، آبادگارن، ھارين ملاح، ماھگيرن، ڌنارن، ڳوٺاڻن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر اڀري رھي آھي اوچتي درياهه تي ڊيم ٺاھڻ لاءِ انجنئير پاران شروع ٿيل سروي مڪمل ٿيڻ واري آھي جنھن کان پوءِ ترت ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
اسان ڊيلٽا واسين جو مطالبو آھي ته فوري طورتي سنڌو درياهه مٿان وڌيڪ ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ بندڪيا وڃن. ڀنڀور کان ڪوسٽل ھاءِ وي سمنڊ کي ديوار ڏيڻ سنڌوءَ جي ڇوڙڊيلٽا مٿان بئراج۽ ڊئم ٺاھڻ کي روڪي سوين ملين ايڪڙفوٽ پاڻي پھچائي گم ٿي ويل سرسوتي (ھاڪڙوندي) سان گڏ پاڻي لاءِ اڃي ۽ ھٿرادو برباد بڻايل ڊيلٽا کي سيراب ڪري ھاڪڙو ندي اوچتو درياهه ۽ ڊيلٽا جون اڳوڻيون موجون واپس ورايون وڃن.