جسٽس عبدالرشيد ڪلوڙ : اصولن ۽ ايمانداريءَ جو مظھر

تحرير: ايڊووڪيٽ احمد علي گبول

هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي، جتي هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، پنهنجا عمل سرانجام ڏئي ٿو، ۽ پوءِ دور هليو ويندو آهي. پر جيڪو امر  رهجي وڃي ٿو، اهو صرف ۽ صرف  ڪردار هوندو  آهي. عبدالرشيد ڪلوڙ به اهڙو ئي هڪ نالو آهي، جيڪو اصولن، ايمانداري ۽ بيباڪ انصاف جي علامت رهيوآهي

ڪلوڙ صاحب جو جنم اتر سنڌ جي قبائلي علائقي، گهوٽڪي جي ننڍڙي ڳوٺ صديق ڪلوڙ ۾ ٿيو. هو هڪ ذميندار گهراڻي سان تعلق رکڻ باوجود تعليم ۽ قانون جي شعبي ۾ نمايان مقام حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو. ننڍپڻ کان ئي علم سان بيحد محبت هئي، جنهن سبب هو علمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڪاميابون ماڻيائون .

سندس علمي سفر دوران ڪيترين ئي مشڪلاتون اڳيان آيون  پر هو ثابت قدم رهيو. هو پنهنجي ڪلاس فيلوز کي ڀائرن جيان ڀائيندو هو ۽ عزت ڏيڻ جا اصول پنهنجي استادن کان سکيا.  تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، عبدالرشيد ڪلوڙ  صاحب وڪالت جي شعبي ۾ قدم رکيو. هو هڪ غير معمولي قانوندان ثابت ٿيو، جنهن پنهنجي محنت، اصولن ۽ ايمانداريءَ جي ڪري پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو. 1992ع ۾ هن سول جج طور پنهنجون ذميداريون سنڀاليون. سندس آزاد خيال شخصيت ڪنهن به دٻاءَ يا بندشي ماحول کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.

زراعت سان دلچسپي هجڻ ڪري، نوڪري دوران زراعت  ڪورس ڪرڻ جو خيال آيو، پر جڏهن موڪل لاءِ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڏني، ته هاءِ ڪورٽ سندس موڪل رد ڪري ڇڏيو. ان تي ڪلوڙ صاحب بنا ڪنهن دير جي استعيفيٰ ڏئي، پنهنجي تعليم لاءِ پرديس هليو ويو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، هن واپس اچي وڪالت شروع ڪئي ۽ مختصر عرصي ۾ قانوني مهارتن سبب پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي.

سندس پيشورانه صلاحيتن جي ڪري سيپٽمبر 2007ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس مقرر ڪيو ويو. پر نومبر 2007ع ۾، جڏهن پرويز مشرف ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ ججن کي PCO تحت ٻيهر حلف کڻڻ لاءِ چيو ويو، تڏهن عبدالرشيد ڪلوڙ  صاحب ايمرجنسي کي انساني حقن جي لتاڙ ۽ غير آئيني سمجهندي  انڪار ڪري ڇڏيو. ڪيترائي وڏا نالا مشرف جي حڪم تي حلف کڻي آمر جي حمايت ۾ بيهي رهيا، پر ڪلوڙ صاحب پنهنجي اصولن تي قائم رهيو ۽ عدليه جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکي.

مشرفي دور جي پڄاڻي بعد، جڏهن عدليه بحال ٿي، ته آگسٽ 2008ع ۾ عبدالرشيد ڪلوڙ کي ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن پنهنجي عدالتي ڪيريئر دوران ڪيترائي اهم فيصلا ڏنا، جيڪي انصاف، قانوني برابري ۽ عدليه جي آزاديءَ جو مثال بڻيا. ڪلوڙ صاحب جي شخصيت جو سڀ کان وڏو پاسو سندس اصولن جي مظبوط پاسداري هئي. هو فقير منش ۽ حق جو ساٿي هو. جيڪڏهن ڪڏهن به کيس محسوس ٿيندو هو ته ڪا غلطي ٿي آهي، ته غلطي کي به بهادرانا انداز سان قبول ڪري ان جو ازالو ضرور ڪندو هو، پر اصولن کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو هو.

هو عملي طور مذهبي ماڻهو هو، پر بين المذاهب هم آهنگي (Inter-Religious Harmony) جو وڏو حامي پڻ هو. ڪڏهن ڪڏهن، ڪچهريءَ ۾ محسوس ٿيندو  هو ته هو مذهبي لباس ۾ سيڪيولر سوچ رکندڙ شخص آهي، ڇاڪاڻ ته سندس نظر ۾ سڀني کي برابر حق حاصل هجڻ ئي حقيقي زندگي هئي . سندس زندگي جو وڏو مثال سندس اولاد جي تعليم، تربيت، ۽ آزاديءَ آھي، جيڪا مذهبي ۽ سماجي شعور جي اعليٰ مثال آهي.

هو علم جو سخي هو، ۽ نوجوان وڪيلن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ سدائين اڳڀرو رهندو هو. هو پنهنجي جونيئرز سان قانون تي ڳالهيون ڪندو هو، کين نيون صلاحيتون سيکاريندو هو، ۽ پنهنجي زندگي جي تجربي مان فيصلا ڪرڻ جا اصول سيکاريندو هو. سندس نظر ۾ وڪالت صرف نوڪري نه، پر انصاف جي خدمت هئي، ۽ ان ڪري ئي هو ڪڏهن به ڪنهن وڏيري، سرمائيدار، يا سياسي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ جو قائل نه رهيو ۽ ڪلائنٽيج جو حلقو ڀوتار پير مير نه پر مظلو رهيو ۔

جسٽس عبدالرشيد ڪلوڙ جو وڇوڙو، نه رڳو خاندان، پر سندس شاگردن ۽ همعصرن لاءِ به هڪ وڏو نقصان آهي. هو عدليه جي اصولن، ايمانداري ۽ آزاد سوچ جو روشن مثال هو. سندس وڇوڙو اسان سڀني کي يتيم ڪري ويو آهي، پر سندس يادون ۽ اصول هميشه اسان لاءِ روشنيءَ جو ڏيئو بڻجي رهنديون. سندس شاگردن ۾ ذوالفقار جلباڻي پڻ شامل آهي، جيڪو هاڻي سنڌ بار ڪائونسل جو   ميمبر ۽ اڳوڻو وائيس چيئرمين آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.