پاڪستان فٽبال لاءِ تاريخي موقعو، فيفا قومي ٽيم کي بين القوامي ٽورنامينٽ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فٽبال لاءِ هڪ اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ قومي فٽبال ٽيم کي افتتاحي فيفا آسيان ڪپ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، فيفا پاڪستان کي هن ايونٽ ۾ شرڪت جي باظابطا دعوت ڏني، جنهن کانپوءِ پاڪستان فٽبال فيڊريشن قومي ٽيم جي شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
افتتاحي فيفا آسيان ڪپ 21 سيپٽمبر کان 6 آڪٽوبر تائين انڊونيشيا ۾ کيڏيو ويندو، جتي پاڪستان کي ڊويزن ون ۾ ڀارت، ميزبان انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جهڙين ٽيمن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.
هي ٽورنامينٽ پاڪستان فٽبال لاءِ نهايت اهم قرار ڏني پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان فٽبال ٽيم پهريون ڀيرو فيفا جي ڪنهن اهڙي ايونٽ ۾ شرڪت ڪندي، جيڪو ورلڊ ڪپ يا ايشين ڪواليفائرز کان هٽي ڪري هوندو.
ماهرن موجب، هن ٽورنامينٽ ۾ شرڪت پاڪستان فٽبال لاءِ عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار ۽ بين الاقوامي تجربو حاصل ڪرڻ جو هڪ سونهري موقعو ثابت ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.