صحافت کي جمهوري معاشري جو چوٿون ٿنڀو چيو ويندو آهي، جيڪو حڪمرانن جي احتساب ۽ عوام کي باخبر رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پر پيڪا ايڪٽ پاڪستان ۾ صحافتي آزاديءَ لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. سائبر ڪرائم جي روڪٿام جي نالي تي لاڳو ڪيل هن قانون جا ڪجهه جزا صحافين ۽ ميڊيا جي اظهارِ راءِ جي آزاديءَ تي منفي اثر وجهي رهيا آهن ۽ صحافت معذور بڻجي رھي آھي
پيڪا ايڪٽ تحت شق 20 فردي شهرت کي نقصان پهچائڻ تي ٻڌل آهي جيڪا حڪومت ادارن ۽ بااثر شخصيتن جي خلاف تنقيد ڪندڙ صحافين تي استعمال ڪئي وڃي ٿي، ڪيترن ئي صحافين سوشل ميڊيا تي سرگرم ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري هن قانون تحت گرفتار ڪيو ويو آھي. حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صحافين خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا ڪيترن ئي ٽي وي اينڪرن ۽ آن لائن صحافين کي ڌمڪيون ۽ ڪيسن سان منھن ڏيڻو پيو سوشل ميڊيا تي لکڻ يا وڊيو ذريعي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کي "جعلي خبرون” قرار ڏئي صحافين تي ڪيس ڪيا ويا.
ھاڻي صحافين کي خوف آهي ته جيڪڏهن اهي حساس معاملن تي ڳالهائيندا ته انهن تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو جنهن سبب ڪيترائي صحافي پنهنجي تحريرن ۽ رپورٽن ۾ حد کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ اظھار جي آزادي جو حق وڃائي ويٺا آھن. پيڪا ايڪٽ جو استعمال خاص طور تي آن لائن ميڊيا جي خلاف ڪيو ويو جتي آزاد صحافت کي روڪڻ لاءِ مختلف ويب سائيٽن، ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي بلاڪ پڻ ڪيو ويو آھي، ڪيترائي صحافتي ادارا ۽ يوٽيوب چينلز نشانو بڻيا آھن پيڪا ايڪٽ جي تحت حڪومت کي سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي نگراني جو اختيار مليو آھي جنهن سبب صحافين جي ذاتي زندگي ۽ ڳجهن ذريعن جي سڃاڻپ کي به خطرو پيدا ٿيو آھي .
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2022 ۾ پيڪا ايڪٽ جي شق 20 کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، پر ان باوجود ان کي لاڳو ڪيو ويو آھي. صحافتي تنظيمون ۽ ٻيا ادارا مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا ذريعي عوام هن قانون جي ناجائز استعمال ۽ ميڊيا تي پابندي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي. پيڪا ايڪٽ صحافتي آزاديءَ کي محدود ڪرڻ جو اوزار بڻجي ويو آهي جيڪو جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي.
سائبر ڪرائم روڪڻ ضروري آهي پر ان جو مطلب صحافت تي بندش نه هجڻ گهرجي. آزاد ۽ بي خوف صحافت لاءِ ضروري آهي ته هن ايڪٽ ۾ واضح تبديليون آنديون وڃن. ميڊيا کي مڪمل آزاد ڪيو وڃي ته جيئن اهو صحافت کي نشانو بڻائڻ لاءِ نه پر حقيقي آن لائن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ ئي استعمال ٿئي.
اسان کي سائبر سيڪيورٽيءَ جا قانون گهرجن نه ڪي آزاد صحافت کي دٻائڻ جا هٿيار.
ھاڻي صحافين کي خوف آهي ته جيڪڏهن اهي حساس معاملن تي ڳالهائيندا ته انهن تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو جنهن سبب ڪيترائي صحافي پنهنجي تحريرن ۽ رپورٽن ۾ حد کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ اظھار جي آزادي جو حق وڃائي ويٺا آھن. پيڪا ايڪٽ جو استعمال خاص طور تي آن لائن ميڊيا جي خلاف ڪيو ويو جتي آزاد صحافت کي روڪڻ لاءِ مختلف ويب سائيٽن، ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي بلاڪ پڻ ڪيو ويو آھي، ڪيترائي صحافتي ادارا ۽ يوٽيوب چينلز نشانو بڻيا آھن .