ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ترميمي بل 2025 تي اعتراض واريندي بل واپس سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، گورنر اعتراض واريندي چيو ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي واضح هدايتن موجب وائيس چانسلر کي تعليمي ماهر هجڻ لازمي آهي، ٻيا صوبا به وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهن، گورنر چيو ته جڏهن ته پي ايڇ ڊي هولڊرز کي علمي قيادت، تحقيقي ۽ انتظامي معاملن جي گهڻي ڄاڻ هوندي آهي پر بيوروڪريٽس جي مقرري تعليمي معيار ۽ تحقيق تي پورو نه لهندي آهي، هن اعتراض ڪيو ته بيوروڪريٽس شاگردن، استادن ۽ محققن جي علمي ضرورتن کي مڪمل طور سمجهي نٿا سگهن، انهن اعتراضن تي ٻيهر غور ڪيو وڃي.