چيف جسٽس جي خواهش باوجود ميان گل حسن چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نه ٿي سگهيو؟

اسلام آباد(منيب فاروق) عمران خان جيڪا سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي اها ناڪام ٿي وئي ۽ جنوري 2025 ۾ اوورسيز پاڪستاني پاران 3 ارب ڊالرز جي ترسيلات ملڪ اماڻي وئي آهي،ٻئي پاسي لاهور  هاءِ ڪورٽ جي هڪ سينيئر جج پاران اسلام آباد هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس  ٿيڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي وئي  اهو هڪ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سان ويجهو به آهي. هن ڪيتريون ئي ملاقاتون به ڪيون پر ثاقب نثار سان لاڳاپن جي ڪري هن جي دال نه ڳري ۽ هن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بطور چيف جسٽس نه آندو ويو.ٻئي پاسي جسٽس گل حسن اورنگزيب جو موجوده چيف جسٽس سپريم ڪورٽ يحيٰ آفريدي سان ويجهو ناتو آهي.ٻئي ڪي پي سان واسطو رکن ٿا.هن کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان لاءِ نه لڳايو ويو جو ان مان ڪجه ماڻهو خوش نه هئا.خبر مطابق ان کان ڪجه شڪايتون به هيون ۽ جيڪا ججن جي ڌڙي بندي آهي اهو به هڪ سبب آهي.چيف جسٽس جي مرضي هئي ته گل حسن اورنگزيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس طور رهي پر ڪجهه ماڻهن پراڻن فيصلن آڌار ان کي نه قبوليو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.