ڪراچي (شاهزيب خانزادا) ڪراچي جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعي جا ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا جن پوليس ۽ عدالتي نظام تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. لڳي ٿو ته اهو ڪو وڏو بااثر شخص آهي جو پهريان پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري هاڻي جج رمانڊ نٿو ڏئي. 23 سالن جو مصطفيٰ عامر 6 جنوري تي ڪلفٽن جي درخشان علائقي مان اغوا ڪيو ويو، پر پوليس کيس ڳولڻ ۾ ناڪام رهي. مغوي جي وارثن پاڻ پتو لڳايو ۽ جوابدار جي بنگلي تي ڇاپو هنيو ويو. 8 فيبروري تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو، جنهن اعتراف ڪيو ته هن 3 ڏينهن اڳ مصطفيٰ کي قتل ڪري ملير ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، پر پوليس کي لاش هٿ نه آيو. بعد ۾ جوابدار پنهنجي بيان تان ڦري ويو. مغوي جي ماءُ وجيهه عامر موجب پوليس 15 ڏينهن کان ڪجهه نه ڪيو هو پر ڪيس اي وي سي ڏانهن منتقل ٿيڻ کانپوءِ اڳڀرائي ٿي. پوليس جوابدار کي عدالت ۾ جسماني رمانڊ لاءِ پيش ڪيو، پر جج پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسماني رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. مغوي جي وارثن جو اعتراض آهي ته عدالت ۾ جاچ آفيسر ناڪام رهيو، جنهن اغوا جو ڪو ذڪر نه ڪيو، ۽ مصطفيٰ جو نالو به نه ورتو. جج ڪيس کي سمجهڻ کان قاصر رهيو. علائقي واسين مطابق جوابدار اڳ به غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي ۽ ان خلاف اڳ به ڪيس داخل ٿيل هئا، پر پوليس ڪارروائي نه ڪئي. پوليس جي ناڪامي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته جوابدار کي ان هنڌ نه نيو ويو، جتي هن لاش ڦٽو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، کيس ان ئي وقت واقعي واري هنڌ وٺي وڃڻ گهربو هو. پوليس جو موقف آهي ته جاچ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻيهر رمانڊ وٺڻ جي اپيل ڪئي ويندي. واقعي بابت اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن ته جيئن شفاف جاچ ممڪن بڻائي سگهجي.