ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ڪڏهن وڌندي؟ اختيارين ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني سيڪريٽري طرفان وضاحت پيش ڪئي وئي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سوالن جي وقفي دوران انٽرنيٽ جي سستي جو معاملو بحث هيٺ آيو.
اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري آءِ ٽي سبين غوري طرفان ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جي وچ تائين انٽرنيٽ جي رفتار وڌي ويندي ۽ تيستائين فائيو جي به لانچ ڪئي ويندي، انٽرنيٽ جي سست رفتاري جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.
آغا رفيع الله چيو ته ڪا وڊيو ڊائون لوڊ ناهي ٿيندي، شگفتا جماڻي چيو ته بلاول صاحب درست چيو هو ته خبر ناهي ڪهڙي مڇي رڳو پاڪستان جي ڪيبل کائي ويندي آهي.
پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري جواب ڏنو ته ڪا نه ڪا مڇي ته آهي جيڪا انٽرنيٽ ڪيبل ڪٽيندي آهي پر ڪهڙي مڇي آهي اسان کي ناهي خبر.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.