پي ٽي آءِ باني، شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي.
عمران خان جي هدايتن تي پارٽي اڳواڻ جلد شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندا ۽ بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ تي شير افضل مروت کان قومي اسيمبلي ميمبر طور استعيفيٰ به طلب ڪئي ويندي.
واضح رهي ته شير افصل مروت جي صوابي جلسي ۾ ڪردار تي پارٽي اڳواڻن پي ٽي آءِ باني کي شڪايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.