ڪراچي(م ڊ) مهاجر قومي مومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪراچي پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آفاق احمد کي اشتعال انگيز بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد چيو ته 40 ڏينهن ۾ ٽرڪن ۽ ڊمپرن جي ٽڪر ۾ 92 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي اجازت نه ڏيڻ جي آجيان ڪريون ٿا، آفاق احمد اپيل ڪئي ته عوام احتجاج ڪري.