راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سب انسپيڪٽر بيان ڏيندي چيو آهي ته گرفتار جوابدارن علي امين گنڊاپور ۽ ٻين جي چوڻ تي جي ايڇ ڪيو تي حملي جو اعتراف ڪيو آهي.
9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جي روبرو اڊيالا جيل ۾ ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت عمر ايوب، شبلي فراز، فواد چوڌري، ڪنول شوزب سميت ڪيترائي جوابدار پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، اٽڪ جيل ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندڙ ميجسٽريٽ محمود عالم جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، مجسٽريٽ محمود عالم 350 صفحن تي ٻڌل جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران راولپنڊي پوليس جي سب انسپيڪٽر احمد يار جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن شهريار آفريدي ۽ علي امين گنڊاپور جي چوڻ تي جي ايڇ ڪيو تي حملي جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن چيو ته ٻنهي پي ٽي آءِ اڳواڻن کين اڪسايو.
سب انسپيڪٽر احمد يار پنهنجي بيان ۾ چيو ته 9 مئي تي علي امين گنڊاپور ۽ شهريار آفريدي فيض آباد کان احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندي جي ايڇ ڪيو ڏانهن آيا، جوابدارن پنهنجي موبائل فونز ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا اڪسائڻ وارا بيان ٻڌا هئا.
ٻڌڻي دوران جوابدارن کان برآمد ٿيل موبائل فونز، پيٽرول بم، ڏنڊا، ساڙيل ٽائر ۽ انهن جي خاص پڻ ثبوت طور پيش ڪئي وئي، سب انسپيڪٽر احمد يار پنهنجي شاهدي دوران 38 ريڪوري ميمو پڻ عدالت ۾ پيش ڪيا.
بعد ۾ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 15 فروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو فريادي سب انسپيڪٽر رياض شاهد طور پيش ٿيندو، ڪيس ۾ مجموعي طور 17 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن.
”جوابدارن علي امين گنڊاپور ۽ شهريار آفريدي جي چوڻ تي جي ايڇ ڪيو تي حملي جو اعتراف ڪيو آهي“
You might also like