ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ چيمپيئنز ٽرافي تان هٿ کڻي ورتو، جڏهن ته ڪينگروز 15 رڪني حتمي اسڪواڊ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا تصديق ڪئي آهي ته مچل اسٽارڪ ذاتي سببن جي ڪري ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪندو، آسٽريليا جا ٻه اهم فاسٽ بالر ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ، انجري سبب اڳ ۾ ئي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ مچل اسٽارڪ جي غير موجودگي سان آسٽريليا جي بالنگ لائن کي ٽيون وڏو ڌڪ لڳو آهي.
مچل اسٽارڪ آسٽريليا جي بالنگ اٽيڪ ۾ واحد فاسٽ بالر هو، جنهن تازو ڀارت ۽ سري لنڪا خلاف سڀ ست ٽيسٽ ميچز کيڏيون هيون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، اسٽارڪ ذاتي سببن جي ڪري ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي ورتو آهي ۽ هن پرائيويسي جو احترام ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه جارج بيلي چيو آهي ته هو اسٽارڪ جي فيصلي جو احترام ڪن ٿا، ڇو ته هن آسٽريليا لاءِ ڪيترن ئي اهم ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل اسٽارڪ جي غير موجودگي ۾ نوجوان فاسٽ بالر اسپينسر جانسن، نيٿن ايلس، شان ايبٽ ۽ بين ڊارشوس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
چيمپئنز ٽرافي ۾ آسٽريليا جي قيادت اسٽيون سمٿ ڪندو، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شان ايبٽ، اليڪس ڪيري، مارنس لبوشين، ٽريوس هيڊ، نيٿن ايلس، گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، بين ڊارشوس، جيڪ فريزر، ايرون هارڊي، جوش انگلس، اسپينسر جانسن، تنوير سانگا ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.
پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندي، جتي آسٽريليا پنهنجي پهريون ميچ 22 فيبروري تي انگلينڊ خلاف لاهور ۾ کيڏندي.
ٻي ميچ 25 فيبروري تي ڏکڻ آفريڪا خلاف راولپنڊي ۾، جڏهن ته ٽين ۽ آخري گروپ ميچ 28 فيبروري تي افغانستان خلاف لاهور ۾ ٿيندي.
You might also like