اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو خدشو ختم ٿي ويو ته بجلي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف نه مڃيندو، ڇو ته آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته پاڪستان بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو پلان کڻي اچي، ضرور غور ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دبئي ۾ آءِ ايم ايف ايم ڊي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ان سان پاور سيڪٽر تي ڳالهه ٻولهه ٿي، کيس چيو ته صنعتون تڏهن هلنديون ۽ گروٿ تڏهن ٿيندي جڏهن ڪوسٽ آف پروڊڪشن گهٽ هوندي، ان تي آءِ ايم ايف ايم ڊي هاڪاري جواب ڏنو.
هن چيو اهو خدشو ختم ٿي ويو ته بجلي اگهن ۾ گهٽتائي تي آءِ ايم ايف نه مڃيندو، آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته پاڪستان بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو پلان کڻي اچي، ضرور غور ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي، جنهن تي حڪومتي ٽيم مبارڪباد جي حقدار آهي.
Next Post
You might also like