آسٽريلوي بالر جو ايڪشن شڪي قرار

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آسٽريلوي اسپنر ميٿيو ڪوهنيمن جو بالنگ ايڪشن مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا تصديق ڪئي آهي ته گال ٽيسٽ دوران ميچ آفيشلز اسپنر جي بالنگ ايڪشن تي اعتراض واريو.
واضح رهي ته ڪوهنيمن هن سيريز ۾ آسٽريليا جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ 16 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ميٿيو ڪوهنيمن جي بالنگ ايڪشن جو باضابطا ٽيسٽ رپورٽ ٿيڻ کان 14 ڏينهن اندر ڪيو ويندو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ بالنگ کان روڪ لڳڻ باوجود ڪوهنيمن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بالنگ جي اجازت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.