چيمپيئنز ٽرافي: افغان ٽيم پاڪستان پهچي وئي، اهم رانديگر ٽورنامنيٽ مان آئوٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم لاهور پهچي وئي. ٽيم کي سخت سيڪيورٽي هيٺ هوائي اڏي کان هوٽل منتقل ڪيو ويو.
افغان ٽيم اڄ آرام بعد سڀاڻي لاهور ۾ تيارين جي شروعات ڪندي.
اسپنر ايم اي غضنفر انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي هي ته هو فريڪچر سبب چار مهينن تائين ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو.
ريزرو رانديگرن مان ننغائل خروتي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
ٻئي طرف اسپنر مجيب الرحمان مڪمل فٽ ٿيڻ تائين ون ڊي ڪرڪيٽ نه کيڏندو، جنهن سبب سندس چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت مشڪوڪ بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.