ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ آهي ۽ حڪومت وٽ ايتري گنجائش ناهي جو سڀ ڪجهه پاڻ ڪري.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام اثرائتين پاليسين سبب آهي ۽ انشورنس سيڪٽر هڪ سٺي موڙ تي آهي.
هن چيو ته ڪاروباري ادارا پرائيويٽ سيڪٽر کي ئي هلائڻ گهرجن، حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪرڻ آهي، حڪومت وٽ ايتري گنجائش ناهي جو سڀ ڪجهه پاڻ ڪري.
سندس چوڻ هو ته ايگريڪلچر جي شعبي ۾ ڪجهه جدت آئي آهي، آءِ ايم ايف ايم ڊي اعتراف ڪيو ته اسان جي معيشت درست رستي تي هلي رهي آهي.
You might also like