اڄڪلهه دنيا ۾ طلاقن جي شرح ۾ واڌ ۽ جوڙن جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويا آهن، جنهن جي هڪ وڏي سبب طور سائنسدانن موبائل فون جي وڌندڙ استعمال کي قرار ڏنو آهي.
جڏهن ڪو شخص پنهنجي جيون ساٿي تي ڌيان ڏيڻ بدران موبائل فون تي گهڻو وقت گذاري ٿو ته ان لاءِ Phubbing جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.
جرنل فرنٽيئرز ان سائڪولوجي ۾ شايع ٿيل نئين تحقيق موجب، اِها عادت جوڙن جي رشتي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص کاڌي جي ميز تي يا ڪنهن خوشگوار لمحي دوران به موبائل فون تي اسڪرو لنگ ڪندو رهي ٿو ته ان سان جوڙي جي رشتي تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.
Phubbing جي عادت ظاهري طور تي نقصانڪار محسوس نه ٿي ٿئي، پر وقت سان گڏ ان جو تسلسل جيون ساٿي جي جذبن کي ڇيهوي رسائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن سان رشتي ۾ ڏار پئجي سگهن ٿا.
تحقيق موجب، ان عاد ت سبب نظرانداز ٿيندڙ فرد کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته کيس اهميت نه پئي ڏني وڃي، جنهن سان هو جارحاڻو رويو اختيار ڪري سگهي ٿو.
مردن ۽ عورتن جو ان عادت تي ردعمل مختلف هوندو آهي. جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي فون ۾ مصروف رکندو آهي ته زال کي لڳندو آهي ته سندس ساٿي جي محبت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪو رشتي جي خرابي جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
جڏهن ته جيڪڏهن زال پنهنجي مڙس کي نظرانداز ڪندي آهي ته مڙس به ناراض ٿي سگهي ٿو پر سندس ردعمل گهٽ شدت وارو هوندو آهي.
ترڪيه جي هڪ يونيورسٽي جي 2023 جي تحقيق موجب، ماڻهن جو سمارٽ فون ڏانهن وڌندڙ لاڙو سندن رشتي تي خراب اثر وجهي ٿو.
ست سئو ٻارهن جوڙن تي ٿيل تحقيق موجب، جيڪڏهن ڪو هڪ شخص موبائل فون تي وڌيڪ وقت گذاريندو ته رشتي ۾ تڪرار وڌي سگهن ٿا.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته Phubbing سماج ۾ عام ٿي چڪو آهي، پر شادي شده جوڙن لاءِ اِها عادت هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.
تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن ڪو شخص نظرانداز ٿيڻ محسوس ڪري ٿو ته هو ناراض ٿئي سگهي ٿو، جنهن سبب رشتي ۾ مسئلا وڌي سگهن ٿا.
You might also like