بي ايماني سان آيل هڪ شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته شهباز شريف جي محنت رنگ لاتو آهي ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ ترقي ڏانهن وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز سان صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاهور ۾ ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته زوال جو رخ ترقي ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ بهتري پاڪستان جي بهتري آهي، پاليسي ريٽ 22 کان 12 سيڪڙو ٿيڻ سان معاشي سرگرميون وڌيون آهن ۽ معيشت کي فائدو ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته شهباز شريف جي محنت رنگ لاتو آهي، رپيو مضبوط ٿيو ۽ گروٿ وڌي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج بلند ترين سطح تي آهي، مهانگائي گهٽجي رهي آهي، آءِ ايم ايف به معاشي بحالي ۽ ترقي وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته بي ايماني سان آيل هڪ شخص ملڪ جا بنياد لوڏي ڇڏيا هئا، اسان پاڪستان خاطر قربانيون ڏنيون، اڳتي به نه ڪيٻائينداسين، پاڪستان اونداهي مان نڪري آيو آهي، ن ليگ وري ثابت ڪيو ته اسان ملڪ جي خدمت ڪندا آهيون، عوام کي رليف ڏيندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.