لاهور (ويب ڊيسڪ) رائيونڊ ۾ هڪ شادي ۾ کاڌو کائڻ سبب ڪيترن ئي ڄاڃين جي حالت بگڙي وئي.
فوڊ اٿارٽي ترجمان موجب رائيونڊ ۾ شادي جي تقريب ۾ غير معياري کاڌو کاڌو کائڻ سان 200 ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته ان واقعي تي ڊي جي فوڊ اٿارٽي نوٽيس ورتو ۽ فوڊ سيفٽي ٽيمن اتي پهچي خوراڪ جا نمونا گڏ ڪيا، جن تي جاچ کانپوءِ رپورٽ جاري ڪئي ويندي.
ترجمان چيو ته واقعي کانپوءِ ڪارروائي ڪندي ميرج هال کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.
هوڏانهن اسپتال انتظاميا سڀني مريضن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي.
You might also like