ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)زراعت کاتي پرڳڻي ۾ بنا ڪنهن ڪم جي سيڪريٽريٽ سائيڊ ۽ سالياني ترقياتي پروگرام جي بجيٽ جي 39 ڪروڙ روپن کي ڏارو ڏئي ڇڏيو آهي،جڏهن ته مُنو ڪروڙ رڳو پيٽرول جي نالي تي استعمال ڪيو ويو آهي،روزاني عوامي آوز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب زراعت کاتي سنڌ صوبي ۾ بنا ڪنهن ڪم جي ٻن ٽماهين ۾ 39 ڪروڙ روپيا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن،زراعت کاتي سالياني ترقياتي پروگرام مان 27 ڪروڙ 71 لک روپيا خرچ ڪيا آهن جڏهن ته صوبي ۾ زراعت جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ٿي سگهيو،پرڳڻي ۾ زراعت جي ترقي رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري وئي آهي ٻي پاسي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ مان 11 ڪروڙن کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي، زراعت کاتي جي ڊ ي ڊي او A03807 واري هيڊ مان رڳو پيٽرول جي نالي تي مُنو ڪروڙ روپيا چٽ ڪري ڇڏيو آهي،ميڊيڪل چارجز جي نالي تي 17 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي,ادرس اڪائونٽ مان اڍائي لک اڏايا ويا آهن،زراعت کاتي 11 لک روپيا رڳي فون جي نالي تي ڪڍرائي ڳڙڪايا آهن,ڀاڙي جي الائونس جي نالي تي پنجن لکن کي ٻُڙي ڏني آهي،اڇن پنن جي خريداري تي16 لک روپيا چٽ ڪيا آهن،ڇپائي جي نالي تي 13 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي،پنجن لکن جون رڳو ڇهن مهينن ۾ اخبارون خريد ڪيون آهن،يونيفارم جي نالي تي پنجن لکن کي ٻهارو ڏنو ويو آهي،A03970 واري هيڊ ادرس اڪائونٽ مان بنا ڪنهن حساب ڪتاب جي 38 لک 50 هزار روپيا ڳڙڪايا آهن،پيٽرول ۽ ٽرانسپورٽ جي نالي تي ڳري رقم ڳڙڪائڻ باوجود وري A13001 واري هيڊ مان ڀاڙي جي نالي تي 13 لک روپين کي ٻڙڪو ڏنو آهي،مشينري جي خريداري جي نالي تي 12 لک روپيا چٽ ڪري ڇڏيا آهن،فرنيچر جي خريداري جي نالي تي 7 لکن کي رڳڙو ڏنو آهي،هائوس رينٽ جي نالي تي 23 لک کپايا ويا آهن,ڪنوينس الائونس جي نالي تي 15 لک 50 هزارن کي ٻڙي ڏني ويئي آهي,ميڊيڪل الائونس جي نالي تي 9 لک 33 هزار هضم ڪيا ويا آهن،آرڊنرلي الائونس جي نالي تي ساڍن چئين لکن کي ٻهارو ڏنو ويو آهي،سيڪريٽريٽ الائونس جي نالي تي هڪ ڪروڙ روپين کي ٻهارو ڏنو ويو آهي،ايگزيڪيوٽو الائونس جي نالي تي 68 لک 64 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو ويو آهي،سپيريئر الائونس جي نالي تي 31 لک 19 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا آهن،يوٽلٽي الائونس جي نالي تي 72 لکن جي رقم کي ٻُڙي ڏني ويئي آهي،ايڊهاڪ رليف جي نالي تي 29 لکن کي ٻرو ڏنو ويو آهي،ڊفرنشيئل الائونس جي نالي تي 61 لک 31 هزارن جو خاتمو آندو ويو آهي,هڪ ٻي هيڊ مان ايڊهاڪ رليف جي نالي تي 92 لک 80 هزار چٽ ڪيا ويا آهن،هڪ ٽي ايڊهاڪ رليف جي نالي تي 72 لک 13 هزارن کي پيالو ڪرايو ويو آهي،بيسڪ پي جي نالي تي هڪ ڪروڙ 84 لک روپيا ڪڍيا ويا آهن ادر اسٽاف جي نالي تي وري 1 ڪروڙ 22 لک روپيا چٽ ڪيا ويا آهن
نيون جنسون آڻڻ بدران رڳو بجيٽ جي استعمال تي زور
ڪراچي:سنڌ جي زراعت کاتي پرڳڻي ۾ زراعت جي ترقي لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن،وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود ٽماٽو بصر مرچ ساريون ڪڻڪ ڪپھ سميت ٻين فصلن جي جديد طريقي سان پوکائي توڙي نيون جنسون آڻڻ بجائي رڳو بجيٽ جي استعمال تي زور ڏنو ويو آهي سنڌ ۾ زراعت کاتي اربين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود صوبي جي زراعت کي جديد بنائڻ توڙي ننڍن زميندارن هارين جي ترقي يا جنسون ٻاهر موڪلڻ لاءِ ڪا پاليسي ناهي تيار ڪئي.
ڪامورن جي خرچ پاڻي لاءِ رکيل 8 ارب 48 لکن لاءِ ”معاملا“سيٽ ٿيڻ جو انتظار
ڪراچي:سنڌ جي زراعت کاتي جي ڪامورا شاهي کي خوش ڪرڻ لاءِ ادرس اڪائونٽ ۾ وڏي رقم رکي وڃي ٿي،سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ ۾ ادرس اڪائونٽ هڪ گونگو اڪائونٽ آهي جنهن ۾ وڏي رقم رکي اچانڪ ڪڍرائي وڃي ٿي زراعت کاتي جي ادرس اڪائونٽ واري هيڊ ۾ ڪامورن جي خرچي پاڻي لاءِ A03970 واري هيڊ ۾ 8 ارب 48 لک روپيا رکيا ويا آهن جنهن رقم مان ناڻي کاتي فقط 43 لک جاري ڪيا آهن جڏهن ته باقي رقم مٿي معاملا سيٽ ٿيڻ بعد جاري ڪئي ويندي.