عاصمه جهانگير انساني حقن،مهذب سياست ۽ قانون جي حڪمرانيءَ تي سوديبازي نه ڪئي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) وڪيلن ۽ انساني حقن جي اڳواڻن چيو آهي ته عاصمه جهانگير انساني عظمت،مهذب سياست ۽ قانون جي حڪمرانيءَ وارن پنهنجن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، هوءَ عدليا جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ پهرين صف ۾ هئڻ باوجود  عدالتي نظام جو حصو نه ٿي. عاصمه جهانگير جي سڃاڻپ عالمي سطح واري هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ۾ انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(ايڇ آر سي پي) جي باني، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي ستين ورسي جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ چيو ته عاصمه  جهانگير عالمي سطح تي ملڪ جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. سندس انساني عظمت ۽ انساني حقن جي مڪمل بحالي وارو خواب هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان ٿيندو. ايڊووڪيٽ نويد جروار چيو ته وڪالت جي شعبي ۾ هر ڇوڪري کي عاصمه جهانگير ٿيڻ گهرجي. هوءَ جنرل ضياءَ جي ڊگهي ظلم ۽ جبر واري دور ۾ چٽي نموني منظر تي سامهون آئي ٿي بيٺي ۽ هر قسم جي جبر جو مقابلو ڪيو. ايڊووڪيٽ علي عاجز اعلان ڪندي چيو ته 26 هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف جلد آل سنڌ لائيرز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو. ان موقعي تي ٽيم عاصمه جهانگير جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ شهزاد صديق منگڻيجو، آڪاش ڀرگڙي، صباحت لغاري ۽ ٻين چيو ته عاصمه جهانگير جو اجتماعيت، سهپ ۽ روشن خياليءَ ۾ پختو يقين هو. توڙي جو جمهوريت بحال به ٿي وئي، پر تنهن باوجود هوءَ وڌيڪ جمهوريت ۽ سٺي حڪمرانيءَ لاءِ جهيڙيندي رهي،تقريب ۾ ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ايڊووڪيٽ شاهد ميراڻي، ايڊووڪيٽ مشتاق هارون، ايڊووڪيٽ ياسر ملڪ، ايڊووڪيٽ درشهوار جروا، ايڊووڪيٽ جبار سولنگي ۽ ايڊووڪيٽ غلام علي ڀنڀرو سميت ڪيترن ئي وڪيلن انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.