ٽنڊو الهيار/چمبڙ/ رڪن ٻرڙا(حسرت لغاري+ ثوبيا کوسو+ قربان لغاري) بلوچستان جي شهر تربت ۾ ٽنڊو الهيار ۽ رڪن ٻرڙا واسي پورهيت قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. تربت ۾ پورھئي لاء ويل 3 ڄڻن کي ھوٽل ۾ ماني کائڻ دوران گولين جو نشانو بڻايو ويو. جنهن ۾ ٽنڊوالھيار تعلقي جي ڳوٺ ڪوڙو دائوداڻي جو رھواسي ھيرالال ميگھواڙ، رڪن ٻرڙا جو رهواسي سئيرو ولد چوکو ميگھواڙ موقعي تي قتل ٿي ويا. هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. پورهيت هوٽل تي ماني کائي رهيا هئا ته دهشت گردن مٿن حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻه پورهيت گولين جو کاڄ بڻجي ويا. اکين ڏٺن شاهدن موجب هيرالال تربت ۾ هوٽل تي ماني کائي رهيو هو ته هٿياربند اچي کائنس شناختي ڪارڊ گهريو ۽ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري مٿس گولين جو مينهن وسائي کيس شهيد ڪري ڇڏيو. رڪن ٻرڙا واسي 6 ٻارڙن جو پيءُ 37 سالن جو سئيرو ميگھواڙ ڪافي عرصي کان وٺي بلوچستان جي شهر تربت ۾ درزڪو ڪم ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو هو. ٻنهي پورهيتن جا مڙهه جناح اسپتال ڪراچي آندا ويا، جتان وارث کين اباڻن ڳوٺن ۾ پهچايا ويا. ٻئي پاسي تربت ۾ قتل ٿيل ٽنڊوالهيار واسي جي واقعي تي وڏي وزير جي معاون خصوصي لال چند اڪراڻي طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر لال چند اڪراڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم ۽ سانگهڙ واسين کي گولين جو نشانو بڻائڻ تي وڏي وزير سان ڳالهائيندس.