جيڪي ٻاهر وڃي مهانگائي گهٽجڻ جي دعويٰ ڪندا، کين پادر لڳندا: عمر ايوب

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق اعتراض جوڳن لفظن تي ڪارروائي ختم ڪرائڻ سان گڏ لائيو اسٽريمنگ به روڪي ڇڏي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته فارم 47 وارا جيڪڏهن ٻاهر وڃي اهو چوندا ته مهانگائي گهٽجي وئي آهي ته کين پادر لڳندا. ان تي حڪومتي ميمبر اعتراض جوڳو لفظ چيو ته عمر ايوب به جواب ۾ ساڳيو لفظ  ورجايو. اياز صادق لفظ ختم ڪرڻ جي رولنگ ڏيندي چيو ته مان غير پارلياماني لفظ ختم ڪريان ٿو. عمر ايوب چيو ته مان احتجاج ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان سيٽون کٽي آيا آهيون، ميمبرن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.