سکر (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته بدامني جي باھ سنڌ جي امن، ڪاروبار، معيشت ۽ تعليم واري سرشتي کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ خوشحال سنڌ کي بُک، بدحالي ۽ غربت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي رهيل ڪسر سنڌوءَ مٿان ڇهه نوان ڪينال ڪڍي پوري ڪئي پئي وڃي. جماعت اسلامي ان ظلم ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف عوام سان گڏ بيٺل آهي، سکر ۾ آل پارٽيز ۾ اعلانيل ”امن بحالي ايڪشن ڪميٽي“ تحت 16 فيبروري تي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جي سرڪاري سرپرستي خلاف انڊس هاءِ وي شڪارپور ڪندن باءِ پاس تي ”عوامي ڌرڻو“ هنيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن مهراڻ مرڪز سکر ۾ سنڌ ۾ امن امان جي بدترين صورتحال جي حوالي سان هڪ پُرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير زبير حفيظ شيخ ۽ مقامي سيڪريٽري اطلاعات امان الله تنيو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.