اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروسز ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي سي ايس ايس 2024 جا نتيجا جاري ٿيڻ کان اڳ سي ايس ايس 2025 جو امتحان وٺڻ خلاف داخل درخواستون خارج ڪندي مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني سي ايس ايس 2024 جا نتيجا جاري ٿيڻ کان اڳ سي ايس سي 2025 جو امتحان وٺڻ کان روڪڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار حمزا جاويد ۽ ٻيا وڪيل علي رضا ايڊووڪيٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا، ايف پي ايس سي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) اختر نواز ستي به عدالت ۾ حاضر ٿيو، جنهن ٻڌايو ته سي ايس ايس 2024 جا نتيجا اپريل جي آخري هفتي ۾ جاري ڪيا ويندا، درخواستگذارن جي اپيل رد ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته سي ايس ايس 2025 جي امتحانن کانپوءِ به سندن چانس ختم نه ٿيندا، پر درخواستگذار پنهنجا سمورا موقعا ختم ڪري چڪو آهي، ان ڪري هو ڪيس ۾ متاثر ڌر ناهي، چيئرمين چيو ته سڄي ملڪ ۾ سي ايس ايس جي امتحانن لاءِ 88 هال بڪ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا لاڳاپيل پيپر به امتحاني مرڪزن ڏانهن موڪليا ويا آهن، ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل دليل ڏيندي چيو ته سي ايس ايس 2025 جا امتحان 15 فيبروري کان شروع ٿي رهيا آهن، قانون ايف پي ايس سي کي اجازت ڏئي ٿو ته اڳوڻو نتيجو نه اچڻ تي به ايندڙ امتحان منعقد ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن انهن امتحانن ۾ دير ٿي ته رازداري جا مسئلا ٿي سگهن ٿا، جنهن سان امتحاني عمل متاثر ٿيندو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، ڪجهه ڪلاڪن بعد فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.