آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ماستري لاءِ آءِ بي اي جي ٽيسٽ ۾ 40 ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب آڏو  احتجاج ڪيو جنهن جي اڳواڻي علي احمد شر، رمضان گبول، علي مرتضيٰ ميمڻ ۽ ٻين ڪئي. هنن چيو ته کين آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود ۽ خالي جايون هوندي به آفر ليٽر نه پيا ڏنا وڃن، ٽن سالن کان انتظار ۾ ويهي اميدوار اوور ايج ٿي ويا آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.