وفاق ڇهن ڪئنالن تان هٿ کڻي:سنڌوبچايو ڪميٽي

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي وفاق جا ٻيھر مطالبو ڪيو آھي ته سنڌو مان وڌيڪ ڇهه ڪينال ڪڍڻ واري فيصلي تان دستبردار ٿي سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي،16 فيبروري تي سيوهڻ کان ميھڙ تائين شاندار ريلي ڪڍي ويندي،ھي فيصلو سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي اعلي اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته  جيستائين صدر زرداري ڇهه ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي جي منظوري جي عوام سامھون ترديد نٿو ڪري اسان جي جدوجھد جاري رھندي، سيد صدرالدين شاھ راشدي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي ،سيدزين شاھ، سردار عبدالرحيم،رياض چانڊيو، حسنين مرزا ،حسام مرزا،جاويد کوکر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سردار عبدالرحيم چيو ته اجلاس ۾ عوامي رابطه مھم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.