ڪئنالن خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو وارهه ۾ مارچ

وارھ(ن ع آ) سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڳوٺ علي حيدر گائنچو کان 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري وارھ شهر پھچي شھيد فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو پيادل مارچ جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،نصرت خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر علي اڪبر خاصخيلي،ضمير مغيري،معشوق مرکنڊ،اياز سرتاج چانڊيو۽ ٻين ڪئي.ان موقعي تي زينت سمون چيو ته سنڌ نازڪ دؤر مان گذري پئي. سنڌ دشمن ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ بيابان ۽ برپٽ ٿي ويندي. لکين ماڻھو بک ۽ اڃ مري ويندا. آصف زرداري ۽ شھباز شريف ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ تي جنگ مسلط ڪئي آھي. سنڌ جون نياڻيون،نوجوان، ھاري ۽ پورھيت رستن تي اچي پنھنجي درياھ کي بچائين.سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. اڪبر خاصخيلي چيو ته سنڌ ۾ رھندڙ سموريون ٻوليون ڳالھائيندڙ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف جدوجھد ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.