سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي غور

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن خلاف  ريفرنس داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، ٻنهي سينيئر ججن جي رويي تي ڪميشن جوڙي سگهجي ٿي، راڻا ثناءُ الله هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻن سينيئر ججن جي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ معاملا نه پيا هلن، هو خط لکندا آهن ۽ هر ڪيس ۾ بائيڪاٽ ڪندا آهن، سندن خلاف ريفرنس ٺاهي سگهجي ٿو، ان سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن پاڻ کي غيرجانبدار ۽ پري رکيو ته اهو صرف چيف جسٽس يحيٰ آفريدي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.