وڪيلن ۽ پوليس جو تڪرار

تحرير: غلام حسين جوڻو

پوليس، پنهنجي اصلي فرض نڀائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪي آهي. امن و امان قائم ڪرائي ڪونه سگھي آهي. جنهن ڪري ڏوهن جو خاتمو ڪونه پيو ٿئي. پر، اهي تيزي سان وڌي رهيا آهن. پوليس صرف بااثرن، سياستدانن، ڀوتارن، وڏيرن، زميندارن، سرمائيدارن ۽ جاڳيردارن جي اشاري تي هلي رهي آهي. انهن جي ڪمداري ڪندي وتي. ۽ ونگار وهي رهي آهي. انهن جي چوڻ تي انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي. ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪٽڻ ۾ گھٽ ڪونه ٿي ڪري رشوت جي سواءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪونه ٿي ڪري. اها به شابس اٿن جو ڪنهن ڪرت ۾ لڳي پئي آهي. پوليس وٽان ايمانداري ۽ فرض شناسي موڪلائيندي پئي وڃي. پوليس نالي ماتر قانون جي رکوال بنيل آهي. “نوڙي مان نانگ ٺاهڻ” وارا پوليس اهلڪار ئي آهن ۽ وري ان جي ابتڙ “نانگ مان نوڙي” ڪريو به ڄاڻيل. قانون ۽ قاعدا لتاڙيندا رهندا آهن. سنڌ ۾ پوليس اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ بنيل آهي ۽ بي لغام آهي. حق ۽ سچ جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه آهي. اهوئي سبب آهي جو، سنڌي ماڻهن جو حقي ۽ درست معاملو عدالتن تائين ڪونه ٿو پهچي. جنهن ڪري ماڻهن کي انصاف ڪونه ٿو ملي. هر ماڻهو دانهو ڪندو رهي ٿو. بهرحال پوليس جي ڪهڙن ڪارنامن کي ساراهيون ۽ ڪهڙيون نيڪيون ويهي ڳايون.

هاڻ، تازو ٻئي شينهن پوليس ۽ وڪيل پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ اهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي پيا. وڪيلن وڃي روڊ بند ڪيو ۽ احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. وڪيل علي رضا بوزدار گاڏي مان هٿ ڪڍي ٿاڻي مان نڪري وڪيلن جي بار روم ۾ پهتو ۽ انهن کي سڄو قصو ٻڌايو ته مون سان پوليس هي حشر ڪيو آهي. وڌيڪ اوهان جي مرضي. انهيءَ تي وڪيل به مڇرجي ۽ ڪاوڙجي پيا. اهي هڪ سينيئر ساٿي جي بيعزتي جو قصو ٻڌي اٿي پيا ۽ سمورا وڪيل گڏجي ايس ايس پي فرخ لنجار جي آفيس ۾ پهتا. اها آفيس سٽي ڪورٽ جي سامهون چند قدمن تي واقع آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو هر وقت مرڪز بنيل آهي. وڪيلن مذڪوره صاحب کي سمجهائيو ۽ ميڙ منٿ ڪئي ته مهرباني ڪري گاڏي جي ايف آءِ آر رد ڪريو ۽ گاڏي واپس ڏيو. پر، صاحب موصوف انهن جي ڪانه ٻڌي ٺپ جواب ڏيندي چيو ته نه ايف آءِ آر ختم ڪندس ۽ نه وري گاڏي اوهان کي واپس ملندي. ان تي وڪيل ڪاوڙجي پيا ۽ هن صاحب جي رويي کي سمجهي ورتو ته، هيءُ ضياءَ لنجار جو ويجهو مائٽ آهي. جنهن ڪري سٺو اثر رسوخ رکي ٿو. هن کي پنهنجي ڪرسي جو به پاور آهي. هيءُ وڪيل برادري جي ڪابه ڳالهه ڪونه مڃيندو. جنهن ڪري انهن فيصلو ڪيو ته، ڊي آءِ جي صاحب سان ملي مسئلو حل ڪرائجي.

ڄاڻايل وڪيل، ڊي آءِ جي سان مليا جنهن وڪيلن کي خاطري ڪرائي ته اوهان جو مسئلو حل ڪريون ٿا ۽ ايس ايس پي جي خلاف قدم کڻي کيس اتان هٽايو ويندو. جڏهن چوويهه ڪلاڪ گذري ويا وڪيل انتظار ڪندا رهيا. ڪابه ڪارروائي نه ٿي سندن ڪوبه مطالبو ڪونه مڃيو ويو. ايس ايس پي به ڪونه هٽيو. ايف آءِ آر به ختم ڪونه ٿي ۽ گاڏي به واپس ڪونه ملي. وڪيلن رد عمل ظاهر ڪندي دير ئي ڪونه ڪئي. روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. اهي به ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هئا.

سرڪار سڳوري ڳالهين جي آڇ ڪئي. معلوم ٿيو ته پ پ پ جا ڪي نمائيندا به اتي پهتا ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر، وڪيل سندن ٻڌڻ کان نابري واري ويٺا ٻئي طرف سنڌ جا قومپرست به وڪيلن جي حمايت ۾ بيان ڏيندا رهيا. ڪي ته انهن جي احتجاج ۾ شريڪ به ٿيا. سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو ۽ قادر مگسي جا بيان ته اخبارن ۾ به شايع ٿيا آهن جن پوليس جي هن عمل جي مذمت ڪئي آهي ۽ وڪيلن سان گڏ بيهڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي سمورن وڪيلن به پنهنجي ڀائرن سان سهڪار ڪرڻ شروع ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ به وڪيلن ڪورٽن جو بائڪاٽ ڪيو. پنجاب جي وڪيلن پڻ سنڌ پوليس جي خلاف بيان ڏيئي ڇوهه ڇنڊيا. آئون اڳ ۾ ئي لکي آيو آهيان ته، وڪيلن جي ٻڌي هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ تعاون فقيدالمثال آهي.

مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ چوڌري افتخار جو مسئلو پيدا ٿيو هو. چوڌري افتخار کان جنرل صاحب زبردستي استعيفيٰ پئي وٺڻ گھري. اها نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس هٽايو ويو هو. تڏهن سڄي ملڪ جي وڪيلن جيڪو يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو. اهو مثال اڄ به ياد آهي. جيڪو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. تڏهن به افتخار چوڌري جي بحالي لاءِ وڪيلن جيڪا جدوجهد شروع ڪئي هئي. تنهن ۾ ڪامياب وڪامران ٿيا هئا. هاڻ به جيڪڏهن وڪيلن جو مطالبو تسليم نه ڪيو وڃي ها ته شايد اها تحريڪ ملڪ گير ٿي سگھي پئي. ان احتجاج جو دائرو وسيع ٿي سگھيو پئي.

آئون، هتي اهو عرض ڪندو هلان ته ڪوبه ڌرڻو هڻڻ سان ڪافي نقصان ٿئي ٿو. روڊن سان ٽرئفڪ بيهجو وڃي ٿي. هڪ ٽرڪ ڊرائيور نالي الطاف حسين ٻڌايو ته وڪيلن جي هن ڌرڻي جي ڪري اسان جي گاڏي ڦاسي پئي. روڊ جي ڪپر سان گاڏي بيهاري ويهي رهياسون ٻيا ڊرائيور به پريشان ٿي ويهي رهيا. مونجهارن ۾ اچي وياسون. بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺيان هن سردي جي موسم ۾ ويهڻ ڪري ڪيترن ئي ڊرائيورن کي زڪام، بخار، کنگھ، بلغم ۽ ڳلي جون تڪليفون پيدا ٿي پيون. کاڌو خوراڪ ۽ صاف پاڻي ملڻ به مشڪل ٿي پيو هو. ان کان علاوه گاڏين ۾ پيل ميوات، دوائون، مڇي ۽ ٻيون قيمتي شيون خراب ٿيڻ لڳيون. گاڏي جا مالڪ فون تي رابطو ڪري رهيا هئا. موبائيلون به پاور آف ٿي وڃڻ ڪري اهو رابطو به ڪٽجي ۽ منقطع ٿي ويو. ٻچڙيوال ماڻهو به پريشان ٿي ويا. ملڪي ڪاروبار به متاثر ٿيو. حڪومت انهن ڳالهين ڏانهن پهريائين ڌيان ڪونه ڏنو. پر، پوءِ نيٺ وڪيلن جا مطالبا مڃيا ويا. فرخ لنجار ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽايو ويو کيس موڪل ڪرائي ويئي.

آئون هتي اهو عرض ڪندو هلان ته فرخ لنجار طاقتور، سگھارو، مضبوط ۽ بااثر آفيسر آهي. جنهن کي وڪيل ڪجهه به ڪري ڪونه سگھيا. کيس نه سگھيا. کيس نه سسپينڊ ڪيو ويو ۽ نه وري ڪا انڪوائري ٽيم مقرر ڪئي ويئي. ان کان ڪوبه پڇاڻو ڪونه ٿيو. جڏهن ته انسپيڪٽر جنرل پوليس به پوليس جي ان قدم کڻڻ تي راءِ ڏيندي چيو آهي ته، پوليس کي جيڪو ڪرڻ گھرجي اهو، قانون موجب ڪيو ويو آهي. پوليس ڪو غلط ڪم ڪونه ڪيو آهي. آءِ جي صاحب جي هن بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته، حڪومت فرخ لنجار ايس ايس پي حيدرآباد کي بچائڻ جي حق ۾ هئي. پر، ڪن ڄاڻن ۽ سياڻن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته، حڪومت مخالف سياسي ڌرين 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. سنڌ ۾ ان ڏينهن تي احتجاجن جو خدشو ۽ انديشو رکندي وڪيلن جا مطالبا مڃيا ويا ان ڏينهن تي احتجاجن کي ماٺو ڪرائي سگھجي جيڪڏهن حڪومت ائين نه ڪري ها ته، اهو خطرو هو ته وڪيلن ۽ سياستدانن جا گڏيل احتجاج زور وٺي نه وڃن. جيڪي ڪافي دشواريون، تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيدا ڪري سگھيا پئي. ان ڪري وڪيلن جي مطالبي ڏانهن ڌيان ڏيئي حل ڪيو ويو. واڳ ڌڻين کي اهو فيصلو بروقت ڪرڻ گھرجي ها ته ايتري افراتفري پيدا ڪونه ٿئي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.