ڪراچي/ ڪنڌڪوٽ (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ حيدرآباد ۾ ايس ايس پي فرخ لنجار خلاف وڪيلن جي احتجاج جي پرزور حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان سنڌ پوليس گذريل 16 سالن کان پ پ حڪومت ۽ اشرافيه جي ڪمداري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي توڙي امن امان جي بحالي بدران شريف شهرين کي تنگ ڪرڻ پوليس جو مشغلو بڻجي چڪو آهي، هڪ لاڏلي آفيسر کي بچائڻ لاءِ گذريل ٽن ڏينهن کان رياست جو مذاق بڻايو ويو، وڪيلن جي جائز مطالبن کي منظور ۽ بي واجبي جو ازالو ڪيو وڃي.