ٻن وڏن خابرو چينلن جي نيلامي جا افواهه

اسلام آباد(منصورعلي خان) پاڪستان جا ٻه نيوز چينل وڪامجي رهيا آهن انهن مان هڪ جي ٻولي تقريبن اڍائي ارب روپين جي لڳ ڀڳ لڳي رهي آحي.ٻيو چينل پراپرٽي  مالڪن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو اهو به وڪامجي رهيوآحي.ٻنهي چينلن  پاران گزريل ڪجه وقت کان مالي مشڪلاتن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي.ٻي رپورٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي  جي حوالي سان پتن  پاران جاري ڪئي وئي آحي. 8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي  حوالي سان جاري ٿيل رپور ٽ ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي هيراڦيري ۽  دٻاءَجا 64 نوان  سورسز ڏنا ويا آهن.رپورٽ مطابق لاهور جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي ٽرن آئوٽ 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ڏيکاريو ويو ڪجه تڪن تي 100 سيڪڙو ٽرن آئوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي جنهن رپورٽ جاري ڪئي آهي ان مٿان پي ٽي آئي سان ويجهڙائي ۽ ن ليگ سان اشوز جي حوالي سان الزام لڳا آهن.پر منهنجي راءِ مطابق چونڊن ۾ ڌانڏليون ٿيون هيون.  جهڙي ريت 2018 ۾ ٿيون 2024 ۾ به ڌانڌليون ٿيون هيون.ٻئي پاسي عمران خان جي رهائي جون ٽوئٽس ڪندڙ آمريڪي سياستدان جو ولسن پاران صدرآصف زرداري کي خط لکيو ويوآهي پر خبر ناهي ته ان خط کي هتي ڪيترو سيريس ورتو ويندو.ٻئي پاسي فيصل چوڌر يکي گرفتار ڪيو ويوآهي. اڊيالا جيل ٻاهران کيس حراست ۾ ورتو ويو ڪجه ذريعن مطابق کيس گار گند ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 08 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.