خدارا مون کي آزاد ڪرايو: غوثپور جي مغوي پورهيت جي التجا

غوثپور(ن ع آ) غوثپور ھڪ مھينو اڳ شھر ڀرسان تنگواڻي لنڪ روڊ تان پنھنجي ساٿي دوست شڪارپور واسي محمد علي سنجراڻي سان گڏ اغوا ٿيل غوثپور جي ڳوٺ راجا بجاراڻي جي رھواسي پورھيت ضمير ميراڻي جي ڏوھارين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آھي، وڊيو ۾ زنجيرن سان باندي بڻيل مغوي ضمير ميراڻي پنھنجي ڳوٺ جي چڱي مڙسن راجه غوث بخش بجاراڻي، تپيدار غلام حيدر ميراڻي ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر فداحسين ميراڻي کي روئي التجا ڪري رھيو آھي ته خدارا مونکي ھتان آزاد ڪرايو، ھي مونکي ماري ڇڏيندا ۽ ھنن جي جيڪا ڊمانڊ آھي اھا پوري ڪريو، واضح رهي ته ڌاڙيلن سندس وارثن کان ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ پڻ طلب ڪئي آھي، جڏھين ته حد جي پوليس ٻنھي مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ويئي آھي جنھن سبب سندن گھرن ۾ ڪھرام متل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.