پي ٽي آءِ اعلانيل ڪاري ڏينهن تي اڄ صوابي ۾ طاقت جو مظاهرو ڪندي

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڄ اعلانيل ڪاري ڏينهن تي اسلام آباد ۾ ڪو جلسو نه ڪندي جڏهن ته صوابي ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو. پارٽي ذريعن موجب اسلام آباد جي قيادت صوبائي جلسي ۾ ويندي، پنجاب جي قيادت ۽ ڪارڪن لاهور جلسي ۾ شرڪت ڪندا. پي ٽي آءِ جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو ته صوابي ۾ تعلقي ۽ يوسي سطح تي احتجاج ٿيندو، ڏڦيڙ ۽ ٽڪراءَ جو ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته مولانا عوام سان بيهندو پر پي ٽي آءِ آئين ۽ عدليه لاءِ اصولن تي بيٺي آهي جيڪو گڏ هلي. ٻئي پاسي ڪي پي جي وڏي وزير جي ترجمان سرفراز مغل موجب اڄوڪي جلسي لاءِ علي امين گنڊاپور 50 لک رپيا ڏنا آهن.

پي ٽي آءِ ڪڌن مقصدن لاءِ ماڻهن کي استعمال نه ڪري: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي ماڻهن کي ڪڌن مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، عمران خان چاهي ٿو ته کيس ٻيهر وزيراعظم بڻايو وڃي ۽ وارداتون  ڪرڻ شروع ڪري. جيڪي پي ٽي آءِ سان وارداتون ڪن ٿا، اهي پنهنجي دولت ۽ ملڪيت کڻي ڀڄي وڃن ٿا. هڪ بيان ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته 8 فيبروري هر سال ايندي آهي، هن ڀيري به ايندي ۽ گذري ويندي. انهن کي حق آهي.ته اهي جيڪو وڻي ڪن، پر انهن کي تشدد جو رستو نه اختيار ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.