چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستاني ڪِٽ جي رونمائي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم جي افتتاحي تقريب دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آفيشل ڪٽ جي مهورت ڪئي وئي. تقريب ۾ سڀني رانديگرن اسٽيج تي اچي نئين ڪٽ متعارف ڪرائي.
نئين ڪٽ ۾ هلڪو سائو رنگ نمايان آهي، جڏهن ته ٽرائوزر ڳاڙهي سائو رنگ جو آهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهي آهي.
ميزبان پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏندو، جڏهن ته 23 فيبروري تي دبئي ۾ ڀارت سان مقابلو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.