ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي فوج جا کوکلا بيان انهن جي وڌندڙ مايوسي جي نشاندهي ڪن ٿا، پاڪستان مڪمل طاقت سان ڪنهن به اڳرائي جو جواب ڏيندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 267هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ فورم ڀارتي فوجي قيادت جي  تازي چڙ ڏياريندڙ بيانن جو به سختي سان نوٽيس ورتو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪانفرنس ڀارتي فوجي قيادت جي بيانن کي غير ذميواراڻو ۽ علاقائي استحڪام جي لاءِ نقصان ڏيندڙ قرار ڏنو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان آرمي ملڪي خودمختاري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي. ڀارتي فوج جا اهڙي قسم جا بيان پنهنجي عوام ۽ عالمي برادري جو ڌيان انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي تان هٽائڻ جي لاءِ آهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم فتنه خوارج جي دهشتگردي لاءِ افغان سرمين جي مسلسل استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته عبوري افغان حڪومت فتنه خوارج جي موجودگي کان انڪار جي بجاءِ انهي جي خلاف پڪا ۽ عملي قدم کڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.