صدر آصف زرداري 5 ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)صدر آصف علي زرداري 5 ڏينهن جي دوري تي چين جي پهچي ويو آهي، هو بيجنگ ۾ چيني هم منصب ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين به صدر سان گڏ آهن.سرڪاري دوري دوران صدر بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون  ڪندو.ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جنهن دوران اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ سميت سي پيڪ جي موجوده ۽ مستقبل جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان کان علاوه دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي تعاون ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت جي خاص دعوت تي نائين ايشين ونٽر گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.