بدين(رپوٽ رازق ڏنو کوسو) سنڌياڻي تحريڪ (ڪيو اي ٽي) پاران بدين ۾ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪئنال رٿا کي رد ڪري وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جو نيلام بند ڪري سرڪاري زمينون ھارين ۾ ورھايون وڃن، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ پي پي چالاڪي سان ڪئنالن جي منظوري ڏني، سنڌ ۾ وري مخالفت ڪري عوام کي گمراھ ڪيو پيو وڃي، قومي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو تہ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ چند ھزار گھراڻن جي حوالي ڪيو ويو جن عالمي سامراج جي ايجنڊا تحت ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪيو آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي چيو تہ پاڪستان کي ٻہ ارب ڊالر ملي چڪا آھن پر خبر ناھي تہ اهي ڪٿي خرچ ٿيا، عوام بک مري رھيو آھي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ريشم گوپانگ چيو تہ گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جھڙن حربن ذريعي ملڪ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جاگيرداري جي نئين شڪل آھي، ان تحت زمينون ھارين کي ڏيڻ بدران ادارن کي ڏنيون پيون وڃن، 91 پاڻي ٺاهه ۾ به سنڌ سان ناانصافي ڪئي ويئي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر مير خادم ٽالپر چيو تہ ڪئنالن جو مسئلو سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي جنھن خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آھي، قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر بچل احمداڻي چيو تہ ارسا جو ڪردار سنڌ دشمن آھي سنڌ جي مرضي جي بغير ڪئنال ڪڍي سنڌو دريا تي حملو ڪرڻ سنگين دھشت گردي آھي جنھن ۾ پي پي جو ڪلھو استعمال ڪيو ويو آھي، مرزا گروپ جي عمران سومرو چيو تہ پي پي حڪمران اقتدار خاطر سنڌ کي کپائي رھيا آھن ملڪ ۾ جمھوريت نالي ڪا شئي ناھي عوام جو جيئن جنجال ڪيو ويو آھي، تحريڪ انصاف ضلع صدر ۽ اڳوڻي ضلع وائيس چيئرمين عزيز ڏيرو چيو تہ سنڌ ۾ وڏي تاريخي احتجاج جي ضرورت آھي جنھن کانسواءِ ھي حڪمران پنھنجي ھوڏ تان نہ لھندا، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شاھنواز سيال چيو تہ ڪئنالن جي اڏاوت جو فيصلو سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي سنڌ جي سياسي قيادت کي ڪئنالن جي منصوبي خلاف گڏيل سگھاري جدوجھد ڪرڻ گھرجي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ، زينت سمون، ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ غفور حيدري، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪامران ڀرڳڙي، پ ٽ الف جي اڳواڻ منظور آريسر، لاڙ عورت فورم جي اڳواڻ بختاور جمالي، ٽيل آباد گار جي اڳواڻ غفور چانڊيو چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيو ويندو.