سنڌ اسيمبلي ۾ زرعي ٽئڪس بل منظور، وفاق اسان کي بند گهٽي ۾ ڦاسائي ڇڏيو\مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ 33 منٽ دير سان شروع ٿيو. ايوان جي ڪارروائي دوران پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار هڪ ضمني ايجنڊا تحت سنڌ زرعي آمدني  ٽيڪس بل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي هن بل جي اهم نقطن ۽ ان جي مقصدن تي تفصيلي روشني وجھندي چيو ته هي ايڪٽ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ معاهدي جي بنياد تي ٺاهيو ويو آھي، اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڪجهه معاهدن تي عمل ڪرڻو آھي. ضيا لنجار چيو تھ پنجاب اسيمبليءَ زرعي آمدني ٽيڪس بل اڳ ۾ ئي منظور ڪري چڪي آھي، سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس بل آڻڻ سان معاشي مسئلا بهتر ٿيندا. زرعي پيداوار جي آمدني تي 45 سيڪڙو تائين ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، لسٽيڊ ڪمپنيءَ کان زرعي شعبي مان 20 کان 28 سيڪڙو گڏ ڪيو ويندو، جيڪڏهن زرعي آمدني 150 ملين رپين کان وڌيڪ هوندي ته سپر ٽيڪس پڻ لاڳو ڪيو ويندو. زرعي ٽيڪس سنڌ روينيو بورڊ پاران  اوڳاڙيو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ته وفاقي حڪومت اسان کي بند گھٽيءَ ۾ آڻي بيھاريو آھي. ھن چيو ته ايف بي آر ڪرپشن جو مرڪز آهي، قانون لاڳو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيون ها ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو متاثر ٿئي ها،  پيپلز پارٽي اھڙو فيصلو ملڪ جي خاطر قبول ڪيو آهي. ھن چيو تھ ايف بي آر ڪيترن ئي هنڌن تي ناڪام ٿيو آھي، جڏهن ته ايف بي آر هميشه پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته زرعي ٽيڪس ٽيهن سالن کان لاڳو آهي، فيڊريشن چوي ٿي ته هيءُ ٽيڪس ڏيو ۽ ايف بي آر ان کي اوڳاڙيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وفاقي ٽيڪسن ۾ به صوبن جو حصو آهي، ايف بي آر پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ چيو ته زرعي شعبو ٽيڪس ادا نٿو ڪري. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته جيڪڏهن اسان جا هاري فصل نه پوکيندا ته اسان ڇا کائينداسين؟ هن چيو ته منهنجي خاندان وٽ هزارين ايڪڙ زمين آهي، هاڻي جيڪڏهن مان اھا زمين وڪڻي ڇڏيندس ته ڪو به ان کي خريد نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پاڻي گھٽ آھي. وڏي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت اعلان ڪيو ته آءِ ايم ايف جي ٽيم نه پئي اچي، جيڪڏهن نه آئي ته معاهدو ختم ٿي ويندو. جڏھن ته ڪي پي، پنجاب پاران زرعي ٽيڪس بل منظور ڪيو ويو آهي ۽ بلوچستان جي ڪابينا به زرعي ٽيڪس بل منظور ڪري ورتو آهي. هن چيو ته وفاق پاران اڳ ۾ ٻين صوبن کان اھو بل منظور ڪرايو، ان بعد اهي بندوقن سان اسان جي مٿان اچي بيٺا ۽ چيائون ته بل پاس ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت صوبن سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي آهي، ان ڪري ڳڻتي آھي ته جيڪڏهن اسان جي زميندارن کي بهتر آمدني حاصل نه ٿي ته پوءِ وڃي ٻيو ڪاروبار ڪندا، منهنجي آمدني جو وڏو حصو زراعت واري شعبي مان ايندو آهي، مان زراعت ڪرڻ تي مجبور آهيان. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته زرعي آمدني ٽيڪس جي حمايت ڪري ٿو. هن زرعي آمدني ٽيڪس جي تناسب کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته  اسان هڪ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حمايت ڪريون ٿا. صوبائي وزير بلديات سعيد غني چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪري سنڌ حڪومت اھڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي مجبور آھي، ھن چيو تھ هڪ خوف اھو به آھي ته اھڙي فيصلي سان زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي. ايم ڪيو ايم جي طحه خان چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ايم ڪيو ايم چاليهه سالن کان زرعي آمدني تي ٽيڪس جو مطالبو ڪري رهي آھي، اھا اسان جي نظريي جي ڪاميابي آهي. زراعت جي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته زرعي ٽيڪس صوبائي معاملو آهي  جيڪڏهن وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪو معاهدو ڪيو آھي ته صوبن سان صلاح ڪري ھا. اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي آبادي جو پنج سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ٿو، سماج جا ڪيترائي طبقا اڃا تائين ٽيڪس نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان اصولي طور تي هن ٽيڪس جي تناسب جي واڌ جي خلاف آهيون. زرعي ٽيڪس هڪ صوبائي معاملو آھي، ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي اڳ ۾ صوبن سان صلاح ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت پڻ آءِ ايم ايف جي شرطن  تحت ئي وڌائي ويندي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو تھ جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي واقعي ڪو اعتراض هو ته پوءِ ان بابت وزيراعظم کي خط ڇو نه لکيو ويو؟ بعد ۾ سنڌ زرعي آمدني ٽيڪس ايڪٽ بل 2025ع ايوان ۾ گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو. ان کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرلزم بل 2004ع ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز بل 2025ع کي پڻ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. ان بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري تي منجهند 2.00 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.