”زرعي ٽئڪس لڳائڻ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت“ سنڌ ڪابينا جي سخت مخالفت

ڪراچي( رپورٽر) زرعي ٽئڪس جي منظوري دوران سنڌ ڪابينا ۾ وڏي وزير کي سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. خدشن باوجود حڪومت جي اصرار تي سنڌ ڪابينا ميمبرن زرعي ٽئڪس جي منظوري ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ کان اڳ سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪابينا ملڪي مفاد ۾ زرعي ٽيڪس جي منظوري ڏئي رهي آهي، وفاق سان ٻيهر ڳالهه ڪندس. سنڌ ڪابينا چيو ته زرعي  انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان ڀاڄين جا اگهه وڌي ويندا، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن ان خدشي جو به اظهار ڪيو ته زرعي ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان ڪڻڪ ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي وينديون. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير کي صوبائي ڪابينا کان زرعي ٽيڪس جي منظوري تي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. ڪابينا ميمبرن چيو ته زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهي، صنعتن تي به ايئن ٽيڪس لڳائڻ سان زرعي شعبي سان زيادتي ٿيندي.  ميمبرن شڪايت ڪئي ته جيڪڏهن تڪ جا آبادگار کانئن سوال ڪندا ته جواب ڇا ڏيندا؟ ان حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته زرعي انڪم ٽئڪس بورڊ آف روينيو بدران سنڌ روينيو بورڊ گڏ ڪندو، جڏهن ته قدرتي آفتن جي صورت ۾ زرعي انڪم ٽئڪس ۾ ترميم ڪئي ويندي. 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ رپين جي زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ کان 30 ڪروڙ رپين جي زرعي آمدني تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان 35 ڪروڙ رپين جي زرعي آمدني تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.