بلوچستان اسيمبلي مان به زرعي ٽئڪس جو بل منظور

ڪوئيٽا(م ڊ) پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ کان پوءِ بلوچستان به زرعي آمدني تي ٽئڪس جو ترميمي بل منظوري ڪري ڇڏيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر غزالا گولا جي صدارت هيٺ بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ قلات ضلعي ۾ ايف سي ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پشين ليويز اهلڪارن جي شهادت تي مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو ۽ بلوچستان جي زمينن ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران پيڪا ايڪٽ جي منظوري خلاف اڳوڻي وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ نيشنل پارٽي جي ٻين ميمبرن سان گڏ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو پر کين پرچائي واپس وٺي آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.