آبادگار ۽ هاري دشمن فيصلا ڪري بچيل زراعت کي تباهه نه ڪريو: آبادگار اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي آبادگار تنظيمن زراعت تي نئون ٽيڪس هڻڻ واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪمران ٻڌائن ته ڪهڙا ٽيڪس هئا جيڪي زرعي شعبي مٿان لاڳو ٿيل نه هئا، آبادگار ۽ هاري اڳ ئي ٽيڪسن جا بار کڻي ويٺل آهن. فصلن تي خرچ وڌندا پيا وڃن،  فصلن جا اگهه نٿا ملن،  وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سنڌ جي زراعت جي تباهي جا فيصلا ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر ۽ زرعي معاشي ماهر محمود نواز شاهه عوامي آواز سان ڳالهائيندي زراعت مٿان نوان ٽيڪس مڙهڻ واري حڪومتي قدم جي مذمت ڪندي چيو ته ملڪ جي معيشيت کي هلائڻ وارو شعبو ئي زراعت آهي پر هي هاڻ زراعت جي پويان پيل آهن،  ٽيڪنيڪل بنيادن تي به زراعت تي ان قسم جو ٽيڪس لاڳو نٿو ڪري سگهجي، آءِ ايم ايف جا شرط چون يا وري وفاقي حڪومت جون هدايتون پر هي ٽيڪسن ۾ ٽيڻ تي اضافي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هن قسم جا قدم زراعت جي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن، سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته حڪمرانن ڪهڙي بنياد تي آبادگارن ۽ هارين مٿان وري نئون ٽيڪس مڙهي رهيا آهن، آبادگار ته اڳ ئي زرعي دوائن، ٻج، ڀاڻ، مشينري، بجلي جي بلن ۽ ٻين شين ۾ ڳرا ٽيڪس ڏين ٿا، ڍل ۽ آبيانو به ڏين ٿا،  فصلن تي استعمال ٿيندڙ شيون روز مهانگيون ٿينديون پيون وڃن، پر زرعي جنسن جا اگهه وڌڻ بدران گهٽجي رهيا آهن، سڀ وڌيڪ مسئلو لکپڙهه ۾ پيش ايندو، آبادگار ڪهڙا حساب ڪتاب ڪندا، ڇا اهو ٽيڪس آبادگارن جي بينڪ اڪائونٽ مان ڪٽيو ويندو، پوءِ ڀلي اها رقم ٻئي ڪنهن ڪاروبار مان آئي هجي، آبادگار ۽ هاري ڪيئن لکت ڪندا ۽ ڪيئن پنهنجو ٽيڪس ڏيندا، سنڌ حڪومت بنا مشاورت جي فيصلو ڪري ڇڏيو، ايوان زراعت سنڌ جي سينيئر نائب صدر نبي بخش سٺيو  زرعي شعبي مٿان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي حڪمرانن جي شاهاڻن خرچن کي پورو ڪرڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو ته ڪهڙي بنياد تي زرعي شعبي مٿان ٽيڪس هنيو پيو وڃي،  سنڌ جو زميندار اڳ ئي زرعي ٽيڪسن جو ماريل آهي، سنڌ حڪومت زراعت جي تباهي جي لاءِ باقي رهيل اهو ڪم به پورو ڪيو آهي، فصل جا اگهه وڌڻ بجاءِ گهٽجن پيا، حڪمران ٽيڪس مڙهڻ کان اڳ اهو ٻڌائن ته ڇا هو آبادگارن کي سندن فصلن جو اگهه ڏيارين ٿا، حڪمران چاهين ٿا ته آبادگار ۽ هاري ٻه ويلا ماني کائڻ جي لاءِ به پريشان هجن. هن چيو ته زرعي ٽيڪس جو مطلب ٽيڪسن ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ آهي. اسان حڪومت جي ان قدم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.