جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ ٿي رھيو آھي، ان تي باريڪ بيني سان نظر وجھڻ سان اندزاو ٿئي ٿو تھ قانون خاموش آھي، يا گھٽ ۾ گھٽ اھو ڪنھن غريب غربي کي رليف ڏيڻ ۾ تھ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آھي.سماج ۾ جيڪو ڏڦيڙ پئدا ٿيندو آھي، عام ۽ غريب ماڻھو سان جيڪڏھن انفرادي طور تي ڪو فرد ظلم زيادتيءَ ڪري ٿو ان دوران قانون جو ڪم آھي تھ ان عمل کي روڪي، ان جي لاءِ ئي حڪومت مختلف ادارا قائم ڪيا آھن، جنھن ۾ قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ سول ادارو پوليس جو آھي.
سنڌ ۾ ھڪ ڏينھن ۾ ڪيترن ئي علائقن اندر، بدامني،چوري، اغوا ۽ ٻين ڏوھن جون ٽي درجن کن وارداتون ٿين ٿيون. جنھن کانپوءَ حڪومت جي لاڳاپيل ادارن پاران ڪنھن قدم نھ کڻڻ جي صورت ۾ ماڻھو پنھنجي پنھنجي حيثيت مطابق مظاھرا ڪري احتجاج نوٽ ڪرائين ٿا، پر سرڪار انھن جي ھڪ بھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.سماج ھم آھنگي ۽ توازن سان اڳتي وڌندا آھن، اسان وٽ ڪافي ٻين معاملن سان گڏ انصاف جي اڻھوند، اڻبرابري، غربت، بيروزگاري ۽ سماجي اونچ نيچ ھڪ اھڙو گاڏڙ ماحول پئدا ڪيو آھي جو سھپ جو مادو ماڻھن مان ختم ٿي ويو يا ختم ٿي رھيو آھي.ذڪر ڪيل سببن جي نتيجي ۾ ماڻھو پنھنجي چڙ ۽ ڪاوڙ ڪنھن مھم جوئي ۾ڪڍي ٿو.جنھن جي نتيجي کان اھي عمل ڪندڙ اڻڄاڻ نظر اچن ٿا. سھپ سماج جو ھڪ اھم گڻ آھي پر بدقستمي سان اسان وٽ ھر شعبي ۾ سھپ ختم ٿي وئي آھي ان ڪري مجموعي طور تي اسان فائدي بدران نقصان سھي رھيا آھيون. سماج جي اندر جمھوري قدر ن جي مناسب اوسر نھ ٿي سگھي آھي جنھن ڪري ھي نالي ماتر جمھوريت آھي، ملڪ ۾ ھڪ منظم سسٽم سان انتھا پسندي وارا رويا جنم وٺي رھيا آھن ۽ قانون جڏھن پنھنجو رستو نٿو وٺي تھ ماڻھو انفرادي طور تي ڪنھن شدت پسندي جو مظاھرو ڪري ٿو.ان ڪري شدت پسنديءَ جون پاڙون گھڻيون مضبوط ٿي رھيون آھن.اھو سڀ ڪجهه توھان معاشري ۾ ماڻھن جي روين، عملن ۽ حرڪتن ۾ ڏسي سگھون ٿا.
سماج ۾ اھڙن روين پئدا ٿيڻ جي ٻين سببن ۾ ماڻھن جي مالي حالت پڻ آھي،بک،بيروزگاري ۽ مھانگائي جا ستايل ماڻھو ھڪ بيمار سماج تصوير پيش ڪري رھيا آھن، ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري معاشري ۾ ڏوھن جو گراف وڌي رھيو آھي. خرچ جي مقابلي ۾ گھٽ ڪمائي سگھندڙ عوام جي اڪثريت ھاڻي مھانگائي جي ڪري سھپ جي آخري ڏاڪي تي پھچي چڪي آھي، مھانگائي جي ڪري ملڪ جو ماڻھون ذھني طور دٻاءَ جو شڪار ٿي ويو آھي، جنھن جو مجموعي طور تي سموري سماج تي ناڪاري اثر پئجي رھيو آھي. عوام کي اھا شڪايت آھي ھتي عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ نھ آھن ۽ ھر طرف ھر وقت انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي دانھن ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اظھار جي آزاديءَ، عوام جا حق غير محفوظ بڻجي ويا آھن.ھڪ مثبت معاشري ۾ ھر شھري کي اھو حق حاصل ھئڻ گھرجي تھ ھو ڪھڙي بھ سوچ سان يا ڪھڙي بھ فڪر سان سلھاڙيل ھجي، پر ھن تي اھو پڻ فرض آھي تھ ھو ٻين ڌرين، فڪر فلسفي توڙي عقيدن جو بھ ائين ئي احترام ڪري جئين ھو پنھنجي خيال ۽ سوچ جو احترام ڪرڻ چاھي ٿو. بدقسمتي سان ھتي ڪڏھن جمھوريت جو ٻوٽو اسريو ئي نھ آھي، تنھن ڪري ان جون پاڙون توڙي ان جي ڦل کان بھ سموري خلق گھڻي واقف نھ آھي.
ھڪ اھڙو سسٽم ھجي جتي حقيقي معنيٰ ۾ ھر شھري جا ھڪ جهڙا حق ھجن جتي ھر ماڻھو پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ آزاد ھجي جتي ھر ڪو حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھي، جتي ماڻھن جي جان مال ۽ عزت عملي طور تي محفوظ ھجي تھ ان سان ئي جمھوريت ۽ جمھوريت جي اصول اڳتي وڌي ويجھي ۽ اسري نسري سگھن ٿا، ٻي صورت ۾ جيڪو ڪجهھ ٿي رھيو آھي ان سان عام ماڻھو حڪومتي ادارن کان بيزار ٿي ويندو ۽ ان جا ھڪ عرصي تائين جيڪي اثر ٿيندا اھي سڀني کي ڀوڳڻا پوندا.سھپ جو مادو تمام ضروري ھوندو آھي، ان ۾ ڪشادي دل ۽ ٿڌي دماغ سان معاملن کي ڏسڻو پوندو آھي.
اختيارين پاران جيڪڏھن بھتر حڪمت عملي سان ڪم ڪيو وڃي سنڌ ۾ روز ٽي درجن کن ٿيندڙ احتجاجن جو تعداد گھٽ ٿي سگھي ٿو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون تي مڪمل طور عمل ڪن تھ پڻ ان جو خاصو نتيجو نڪري سگھي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اداران کان ڪنھن بھ جوڳي پڇاڻي واري نظام نھ ھئڻ جي ڪري ماڻھو آزار آھن ، اھي ڪنھن نھ ڪنھن منفي توڙي مثبت ردعمل سان اظھار ڪن ٿا.سنڌ جي پس منظر ۾ ڏسجي تھ ڪي اھڙا قدم آھن جيڪڏھن حڪومت انھن ڏانھن سچائي سان ڌيان ڏئي ڪري قانون تي عمل ڪرائي تھ بھ سماج ڪنھن مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي سگھي ٿو، پر جيڪو ڪجهه سامھون ٿي رھيو آھي، ان سان تھ لڳي ٿو تھ اسان سڀ ھڪ دائري ۾ ڦاسي ويا آھيون ۽ ”گھاڻي جي ڍڳي“ جيان ڦيرو ڏئي رھيا آھيون.
گذارش ھي آھي تھ ھر ٿاڻو پنھنجي حدن ۾ ڏوھارين کي پروموٽ ڪرڻ بدران عملي طور ڏوھارين جي پاڙ پٽي، عوام جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت جو رڳو سکڻو نعرو نھ ھنيو وڃي پر ان تي عمل ڪرايو وڃي.واپارين جي ھڪ ھٽي سان ڪيل مھانگائي ختم ڪئي وڃي.ڌاڙيلن جي خلاف ميدان ۾ عملي ڪارروائي ڪئي وڃي، اسپتالن ۾ ماڻھن کي دوائون ڏني وڃي، علاج ڪيو وڃي،قانون امير توڙي غريب کي ھڪ اک سان ڏسي.ڌاڙيلن خلاف ڪا اھڙي ڪارروائي ڪئي وڃي، جنھن سان ماڻھن کي اطمينان ٿئي ۽ اعتبار بھ اچي، سردارن پاران قائم جرڳا سسٽم ختم ڪيا وڃن.عدالتون ماڻھن کي بروقت انصاف ڏين.ٿلھن ڪتابن ۾ لکيل قانون تي عمل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت چاھي تھ اھي ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪري بھ عوام کي رليف ڏئي سگھي ٿي.جنھن سان سماج کي ھڪ سڌاري واري طرف سفر شروع ڪري سگھي ٿو.