حيدرآباد/شهدادڪوٽ ( پ ر+ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف عوامي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ شڪارپور، رتوديرو ۽ شهدادڪوٽ ۾ عوامي جلسن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جو امن امان قائم رکڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. رشوت جي بازار گرم لڳي پئي آهي،هن چيو ته جاگيردار طبقو ڪڏهن عوام دوست نه ٿيندو ان لاءِ پورهيت طبقي جي نمائندن کي اسيمبلي ۾ موڪلي سنڌ جي تقدير کي تبديل ڪرڻو پوندو اسان هن وقت سنڌ ۽ سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون وفاقي حڪومت پ پ پ سان گڏجي سنڌين کان سندن ڌرتي کسڻ جي لاءِ ڪاپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ پروجيڪٽ شروع ڪري پئي ٻئي پاسي سنڌو درياءِ ڪيئالن کي ٺاهي سنڌين کان جياپو کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته شھدادڪوٽ سجاڳ ماڻھن جو شھر آھي،جن وٽ سنڌو درياهه کي ڌاڙي هڻڻ خلاف فرياد کڻي آيو آهيان، رڳو پنج لک ماڻهو دانهن ورنائن ته اسلام آباد ۽ ڪراچي جا ايوان لڏي وڃن،قادر مگسي چيو ته پنڊال ۾ پهچڻ شرط ئي شھدادڪوٽ جي شهرين پنجاهه چٺيون هٿ ۾ ڏنيون آهن جنهن ۾ لکيل آهي ته شهدادڪوٽ بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي جتي معمولي موبائل فون ڦر جي مزاحمت تي نوجوانن کي گوليون هڻي ماريو پيو وڃي ۽ پوليس جوا ۽ منشيات جي اڏن تان ڀتا وٺڻ ۾ مصروف آهي، هن شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ايم پي اي مير نادر مگسي سميت آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي قرار ڏيندي کين چتاء ڏنو ته شهرين جي جان مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي امن امان جي صورتحال تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي شهرين سان هر محاذ تي گڏ هوندي،جلسي کي هوت گاڏهي، سومار مڱريو، حيات تونيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.