اسلام آباد( بيورو چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي سان وزيرقانون اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جا ٻيا جج به موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران جڊيشل ڪميشن جي اجلاس بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو. ان حوالي سان قانون واري وزير چيو ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ هميشه ملاقات ٿيندي آهي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو.