18مهينن کان سپريم ڪورٽ ۾ اسان جي درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي ٿئي\عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي چيف جسٽس امين الدين کي خط لکيو آهي.  هن پنهنجي پارٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ قانون ٺاهڻ تي حڪومت تي به تنقيد ڪئي. خط ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي لسٽ به شامل آهي جيڪي رياستي ڪارروائي دوران گم، زخمي يا مارجي ويا آهن. خط ۾ هن دعويٰ ڪئي ته گذريل سال 24 کان 27 نومبر تائين  پي ٽي آءِ جي 10 هزار ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. خط ۾ پي ٽي آءِ جي 42 ڪارڪنن جي لسٽ پڻ شامل ڪئي وئي جيڪي اسلام آباد جي ريڊ زون مان مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ آپريشن دوران زخمي يا مارجي ويا. پي ٽي آءِ جي باني وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته کيس گذريل سال 3 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين اڪيلائي ۾ رکيو ويو ۽ ضروري مراعاتن کان انڪار ڪيو ويو ۽ ’توهين آميز سلوڪ‘ ڪيو ويو.  هن اهو به چيو ته سندس گهروارن ۽ قانوني ٽيم سان ملاقاتون سڪيورٽي جي آڙ ۾ محدود آهن. عمران خان پنهنجي پارٽي اڳواڻن جا نالا ٻڌايا جن ۾ ميان محمود الرشيد، سينيٽر اعجاز چوڌري، ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما ۽ شاهه محمود قريشي شامل آهن.  خط ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ ڌانڌلي، انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو 18 مهينن کان جاري آهي، عدالت جو دروازو کڙڪايو پيو وڃي پر ڪو به انصاف نه مليو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي زخمي ۽ جبري گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي لاپتا آهن. اسان جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.